Book Name:Maan ke Dua ka Asar

دواخانن جا چڪر ڪٽڻ گوارا ڪندي آهي، ماءُ اَولاد جو مستقبل سَنوارڻ لاءِ پنهنجي سڄي زندگي کي اَولاد جي لاءِ وَقف ڪندي آهي، ماءُ اَولاد جي لاءِ ڇانو ڪندڙ وڻ جيان هوندي آهي، ماءُ پاڻ گرمي برداشت ڪري اَولاد کي هوا ڏيندي رهندي آهي، ماءُ اَولاد کي ڇانوء ۾ ويهاري پاڻ اُس ۾ ويهي رهندي آهي، ماءُ اَولاد جا ناز نخرا برداشت ڪندي آهي، ماءُ قَرض کڻي به اَولاد جي فرمائشن کي پُورو ڪندي آهي، ماءُ پنهنجي مڙس جي وَفات (Death)کان بعد اَولاد کي دَربَدَر ڀٽڪڻ ناهي ڏيندي، ماءُ اَولاد جي پيدائش کان پهريان، پيدائش جي دَوران ۽ بعد وارين تڪليفن کي برداشت ڪندي آهي ماءُ اَولاد کي سٺو انسان ٺاهيندي آهي، ماءُ پنهنجي حصّي جو گرھ به اَولاد جي وات ۾ وجھي خوش ٿيندي آهي ۽ پاڻ بکايل سمهي پوندي آهي، ماءُ اولاد کي گرم بستر ۾ ليٽائيندي ۽ پاڻ ٿڌي فرش تي ليٽي پوندي آهي، ماءُ اولاد جي لاءِ بُرو ناهي سوچيندي، ماءُ اولاد کي خوش ڏسي خوش ٿيندي آهي، ماءُ اولاد کي ڏک تڪليف ۾ مبتلا ڏسي بيقرار ٿي ويندي آهي، ماءُ مشڪلاتن ۾ اَولاد کي حوصلو ڏيندي آهي،ماءُ معذور اَولاد کي به بي سهارو ناهي ڇڏيندي،ماءُ نافرمان اَولاد تي به شفقت۽ مهرباني ئي ڪندي آهي، ماءُ نه هجي ته گھر ويران لڳندوآهي،ماءُ جو خدمت گار چين۽سڪون جي زندگي گذاريندو آهي، ماءُ جي خدمت اَولاد کي جنّت ۾ داخل ڪرائيندي، ماءُ کي راضي رکڻ اولاد تي لازم آهي، ماءُ جي حقن مان آجو ٿيڻ ناممڪن آهي جيئن ته

ماءُ کي ڪلهن تي کڻي گرم پٿرن تي ڇھ ميل.......

هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْه بارگاھِ نبوي ۾ عرض ڪيو: هڪ راهه ۾ اهڙا گرم پٿر هئا جيڪڏهن گوشت جو ٽڪرو ان تي رکيو وڃي ته اهو ڪَبَاب ٿي وڃي! مون پنهنجي ماءُ کي ڪلهي تي سوار ڪري ڇهن ميلن تائين کڻي هليس، ڇا مان ماءُ جي حقن مان آجو ٿي ويو آهيان؟ سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: تنهنجي پيدا ٿيڻ تي سُور جا جيتري قدر جهٽڪا ان برداشت ڪيا شايد هي ان مان هڪ جهٽڪي جو بدلو ٿي سگھي۔

                                                           (معجم صغير،۱/۹۲، حديث: ۲۵۷)