Book Name:Maan ke Dua ka Asar

ٿيندي آهي۔ عَرض ڪيو ويو، ان جو ڇا سبب آهي؟ اِرشاد فرمايائون: ماءُ، پيءُ جي مقابَلي ۾ وڌيڪ مهربان(Kind) هوندي آهي ۽ رَحم جي دُعا رَد ناهي ٿيندي۔(طبقات الشافيۃ الڪبري للسبڪي، ۶/۳۱۷)۔ اچو! اسان به ماءُ جي دعائن جي بَرڪتن تي مُشتَمِل ڪجھ واقعا ٻڌون ٿا ۽ ماءُ جون دعائون وٺڻ وارا ڪم ڪرڻ جي نِيت ڪريون ٿا، جيئن ته

جنّت جو ساٿي

شَيخِ طريقت،اميرِ اهلسنّت حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطّار قادِرِي رَضَوِي ضِيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي رِسالي ”سامونڊي گنبذ“  صَفحي نمبر 7 تي بيان ڪن ٿا: حضرت سَيدُنا موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام هڪ ڀيري الله پاڪ جي دربار ۾ عرض گذار ٿيا ـ ياربِّ غَفَّار عَزَّ وَجَلَّ! مون کي منهنجو جنت جو ساٿي ڏيکارـ اللهعَزَّ وَجَلَّ فرمايو: فلاڻي شهر ۾ وڃو، اتي فلاڻو قصّاب (گوشت کپائڻ وارو) توهان جو جنّت جو ساٿي آهي، پوءِ حضرت سَيدُنا موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام اتي ان قصّاب (گوشت کپائڻ واري) وٽ تشريف وٺي ويا، (ناواقفيت جي باوجود مسافر ۽ مهمان هجڻ جي ڪري) ان پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام جي دعوت ڪئي ـ جڏهن ماني کائڻ ويٺا ته ان وڏو ٽوڪرو پاڻ وٽ رکي ڇڏيو، ان جي اندر ٻه گرهه وجھندو پاڻ هڪ گرهه کائيندو هوـ ايتري ۾ ڪنهن دروازو کڙڪايو، قصّاب (گوشت کپائڻ وارو)  اٿي ٻاهر  ويو، حضرت سَيدُنا موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام ان ٽوڪري ۾ ڏٺو ته ان ۾ تمام پوڙها مرد ۽ عورت هئا، حضرت سَيدُنا موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام تي نظر پئي ته انهن جي چَپن تي مُرڪ اچي وئي انهن پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام جي رسالت جي شهادت (يعني گواهي) ڏني ۽ انهي وقت وفات فرمائي ويا، قاصائي آيو ته زنبيل (کجيءَ جي پنن مان ٺهيل ٽوڪري) ۾ پنهنجي والدين کي فوت ٿيل ڏسي معاملو سمجھي ويا، ۽ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام جا هٿ مبارڪ چُمي عرض ڪيائين: توهان الله عَزَّ وَجَلَّ جا نبي حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام لڳو ٿا، پاڻ فرمايو: توکي ڪيئن اندازو ٿيو؟ عرض ڪيائين: منهنجا ماءُ پيءُ روزانو نهايت عاجزي سان دعا ڪندا هئا ته ياالله عَزَّ وَجَلَّ! اسان کي حضرت سَيدُنا موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي جلوَن ۾ موت نصيب فرماءِ، انهن ٻنهي جي اوچتي وفات تي مون اندازو لڳايو ته