Maan ke Dua ka Asar

Book Name:Maan ke Dua ka Asar

      (1) فرمايائون: جڏهن اولاد پنهنجي ماءُ پيءُ ڏانهن رحمت جي نظر ڪري ته الله عَزَّ وَجَلَّ ان جي هر نظر جي بدلي حجِّ مَبۡرُور (يعني مقبول حج) جو ثواب لکندو آهي۔ صحابهءِ ڪرام عَليِهِمُ الرِّضوَان عرض ڪيو: جيتوڻيڪ ڏينهن ۾ سؤ ڀيرا نظر ڪري! فرمايائون: نَعَمْ، اَللهُ اَکْبَرُ وَ اَطْـيَبُ يعني ”ها، الله عَزَّ وَجَلَّ سڀ کان وڏو آهي ۽ اَطيَب (يعني سڀ کان وڌيڪ پاڪ آهي)۔ (شُعَبُ الْاِيمان،۶ /۱۸۶ ،حديث: ۷۸۵۶)يعني ان کي سڀ ڪجھ قُدرت آهي، ان کان پاڪ آهي ته ان کي ان (ثواب) ڏيڻ کان عاجِز چيو وڃي۔   (بهار شريعت،٣/۵۵۴،حصه ۱۶)

(2)فرمايائون: ”جنهن پنهنجي والدين جي فرمانبرداريءَ جي حالت ۾ صبح ڪئي ته ان جي لاءِ جنّت جا ٻه دروازا کوليا ويندا آهن ۽ جيڪڏهن والدين مان ڪوبه هڪ هجي ته هڪ دروازو کُلندو آهي ۽ جنهن ان حالت ۾ صبح ڪئي جو پنهنجي والدين جو نافرمان هو ته ان جي لاءِ جهنّم جا ٻه دروازا کوليا ويندا آهن ۽ جيڪڏهن والدين مان ڪو هڪ هجي ته هڪ دروازو کُلندو آهي۔ هڪ شخص عرض ڪيو؛ :وَاِنْ ظَلَمَاهُ؟ يعني جيتوڻيڪ اهي ظلم ڪن؟ ارشاد فرمايائون؛ جيتوڻيڪ ظلم ڪن، جيتوڻيڪ ظلم ڪن، جيتوڻيڪ ظلم ڪن۔

(شعب الايمان، باب في بر الو الدين،فصل في حفظ اللسان ...الخ،۶/۲۰۶،حديث:۷۹۱۶)

(3) هڪ شخص عَرض ڪيو، يارَسُوْلَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ!والِدَين جو پنهنجي اَولاد تي ڪهڙو حق آهي؟ فرمايائون: هُمَا جَنَّتُكَ وَنَارُكَيعني اهي ئي تنهنجي جنّت ۽ تنهنجي دوزخ آهن۔(ابن ماجه، ڪتا ب الادب ، باب بر الوالدين ،رقم:۳۶۶۲ ،۴/ ۱۸۶)

(4) هڪ شخص رحمتِ عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ حاضر ٿي عرض گذار ٿيو: منهنجي حُسنِ اخلاق جو وڌيڪ حق دار ڪير آهي؟ ارشاد فرمايائون: توهان جي ماءُ۔ ان  عرض ڪيو:  پوءِ ڪيرآهي؟ ارشاد فرمايائون: توهان جي ماءُ۔ ان وري عرض ڪيو:پوءِ ڪير آهي؟ ارشاد فرمايائون: توهان جي ماءُ۔ عرض ڪيو پوءِ ڪيرآهي؟ ته پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايائون: تنهنجو پيءُ ۔  (بخاري، ڪتاب الادب،باب من احقّ الناس بحسن الصحبۃ، ۴/۹۳،حديث:۵۹۷۱)