Book Name:Maan ke Dua ka Asar

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد 

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ “ يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .

(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل: (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

 (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اَمڙ جو شان!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ”ماءُ“ قُدرت جو اَنمول تحفو آهي، ماءُ جو مقام قرآن ۽ حديث ۾ بيان ٿيو آهي، ماءُ جو فرمانبردار الله پاڪ ۽ رسولِ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رضا ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي، ماءُ اَولاد جي آرام خاطر پنهنجي آرام کي قربان ڪندي آهي، ماءُ جي جگر جي خون مان اَولاد جو وجود بڻجندو آهي، ماءُ ڪيئي سالن تائين پنهنجي اَولاد کي ٿپڪي ڏئي سُمهاريندي آهي، ماءُ بيمار اَولاد کي ڏسي تڙپندي ۽ لڙڪ وهائيندي آهي، ماءُ بيمار اَولاد جي ڪري سخت سيءَ ۾ به سڄي سڄي رات جاڳي گذاريندي آهي، ماءُ بيمار اولاد جي خاطر مهانگن اسپتالن ۽