Book Name:Maan ke Dua ka Asar
اچو دعا ڪريون ٿا:
مُطِیْع اپنے ماں باپ کا کر میں اُنکا ہر ایک حکم لاؤں بجا یااِلٰہی
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بَيان ڪيل اَحاديثِ مبارڪه مان معلوم ٿيو ته ماءُ پيءُ جو مقام ۽ مَرتَبو نهايت بُلند ۽ اعليٰ آهي جو جيڪڏهن انسان انهن کي راضِي رکي ته ان جي دُنيا ۽ آخِرت سَنورجي ويندي آهي جڏهن ته انهن کي ناراض ڪرڻ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي۔ اهو به معلوم ٿيو ته والِدَين ڀلي کڻي ظُلم ڪندا هجن پر پوءِ به اَولاد تي انهن جي فرمانبرداري ڪرڻ ضروري آهي بالفرض والِدَين ڪنهن کان ناراض هجن، ڌڙڪا ڏين، مارين يا بيزار ٿي گھران ڪڍي ڇڏين ته ان کي کپي ته هو ماءُ پيءُ کي قُصور وار چوڻ جي بدران پنهنجي ضمير جي ائين مَلامت ڪري ته ان ۾ منهنجي پنهنجي ئي غَلَطي هوندي۔ جيڪڏهن مان انهن کي راضِي رکان ۽ انهن جو غلام بڻجي وڃان ته اڄ مون کي اهو ڏينهن نه ڏسڻو پوي ها ڇاڪاڻ ته والِدَين ته اَولاد تي تمام گھڻا مهربان هوندا آهن، آخر ڇو هو مون سان ان طرح جو سُلوڪ ڪندا۔ تنهنڪري اهي ماڻهو جن جا والِدَين زنده آهن اهي سوچين ته ڇا اسان پنهنجي والِدَين جا حق پُورا ڪيون ٿا؟، ڇا اسان جا والِدَين اسان کان راضِي آهن، ڇا اسان انهن سان نرم انداز ۾ گفتگو ڪريون ٿا؟، ڇا اسان انهن جو هر جائز حڪم مڃون ٿا، ڇا اسان انهن سان لڙائي جھيڙو ته نٿا ڪيون؟ ڇا اسان انهن جي اڳيان بد زباني ته نٿا ڪيون؟ ڇا اسان انهن جي خدمت کي بوجھ ته نٿا سمجھون؟ ڇا انهن جا ڪم ڪندي وقت اسان جي پيشاني تي ور ته نٿا پون؟، ڇا انهن جا ڌڙڪا ٻڌي اکيون ته نٿا ڏيکاريون؟، ڇا خرچو گھرڻ تي اسان حيلا بهانا ته نٿا ڪيون؟، ڇا اسان کي ڏسي اسان جي والِده جي اکين کي ٿڌاڻ نصيب ٿيندي آهي؟، ڇا اسان پنهنجي ماءُ جو ادب ۽ اِحتِرام ڪريون ٿا؟ ڇا اسان پنهنجي ماءُ کان دعائن جي درخواست ڪريون ٿا؟ ياد رکو! امڙ جي دعا تمام جلد قَبُولِيت جي مِعرَاج کي پهچي ويندي آهي جيئن ته نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِرشاد فرمايو: ماءُ جي دُعا (اولاد جي لاءِ) جلد قَبول