Book Name:Maan ke Dua ka Asar

مفت تعليم حاصل ڪري رهيون آهن۔ ڪم و بيش3600 (ٽي هزار ڇھ سو) اسلامي ڀينرون دَرسِ نِظامي (عالِمه ڪورس) جڏهن ته تقريباً414 (چارسو چوڏهن) اسلامي ڀينرون 25 مهينن جو”فَيضانِ شريعت ڪورس“ ڪرڻ جي سعادت حاصِل ڪري چڪيون آهن،سوين اسلامي ڀينرون جامعة المدينه للبنات ۾ نظامت ۽ تدريس جي منصب تي ديني خدمتون  سرانجام ڏئي رهيون آهن، هزارين اسلامي ڀينرون ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ،پنهنجي علائقن/شهرن ۾ ٿيڻ واري اسلامي ڀينرن جي 8 مدني ڪمن ۾ مختلف ذميدارين تي نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائي رهيون آهن اچو اسان به پنهنجي گهر جي اسلامي ڀينرن کي جامعة المدينه ۾ داخل ڪرايون ۽ پنهنجي لاءِ ثوابِ جاريه جو سامان ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون)

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں             اے دعوتِ اسلامی تِری دُھوم مچی ہو

رسالو ”جنتي محل جو جو سودو“ جو تعارف

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! پنهنجي ماءُ پيءُ جي خدمت جو ذهن بڻائڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جو رسالو”سامونڊي گمبذ“ جو مطالعو مفيد رهندو ان کان علاوه وقت به وقت مڪتبة المدينه جا ٻيا ڪتاب ۽ رسالا پاڻ به پڙهو ۽ ٻين اسلامي ڀائرن کي به پيش ڪريومڪتبة المدينه جو هڪ نهايت ئي پيارورسالو ”جنتي محل جو سودو“ به آهي.هن رسالي ۾٭ راهه خدا ۾ مال خرچ ڪرڻ وارن تي انعامن جو تذڪرو٭نيڪ ماڻهن جو ادب ۽ احترام ڪرڻ جو حڪم٭ الله وارن جي گستاخي ڪرڻ وارن جو انجام٭ دنيا جي محبت دل ۾ ويهارڻ جو انجام٭ دنياوي مال ۽ دولت جمع ڪرڻ جو وبال٭ عبادت کان غافل ڪرڻ وارن سبب جو تذڪرو ۽ ان کان علاوه گهڻو ڪجهه موجود آهي.اڄ ئي هن رسالي کي مڪتبة المدينه جي بستي تان هديو ڏئي حاصل ڪري پاڻ به مطالعو (Study) ڪريو ۽ ٻين اسلامي ڀائرن کي به هن جي ترغيب ڏياريو دعوت اسلامي جي ويب سائٽwww.dawateislami.net  کان هن رسالي کي ريڊ (يعني پڙهي) به سگهجي ٿو،ڊائون لوڊ ۽ پرنٽ آئوٽ به ڪري سگهجي ٿو.