Book Name:Maan ke Dua ka Asar

اوهان ئي حضرت سيدنا موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام هوندا ـ قاصائيءَ وڌيڪ عرض ڪيو: منهنجي ماءُ جڏهن ماني کائي وٺندي هئي ته خوش ٿي منهنجي لاءِ اها دعا گھرندي هئي: ياللهعَزَّ وَجَلَّ منهنجي پٽ کي جنت ۾ حضرت سَيدُنا موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جو ساٿي بڻائجان ـ حضرت سَيدُنا موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام فرمايو: مبارڪ هجي الله عَزَّ وَجَلَّ توکي جنت ۾ منهنجو ساٿي بڻايو آهي۔(سمندري گنبد،ص۷ملخصاً)

پڑوسی بنا مجھ کو جنّت میں اُن کا                               خدائے محمد برائے مدینہ

ماءُ جي دعا جي سبب عتيق

اميرُالمؤمنين حضرت سَيدُنا ابوبڪر صِدِّيق رَضِي الله تَعَالٰي عَنْه کي عَتِيق چوڻ جو هڪ سبب اهو به بيان ڪيو ويو آهي ته سندن والِده جو ڪو ٻار زنده نه رهندو هو، جڏهن سندن ولادت ٿي ته سندن والِده پاڻ کي کڻي بيتُ الله شريف وئي ۽ ٻاڏائي ائين دُعا گھري: اي منهنجا پَروَردگار! جيڪڏهن منهنجو اهو پٽ مَوت کان آزاد آهي ته هي مون کي عطا فرمائي ڇڏ۔ ان کان پوءِ پاڻ کي عَتِيق چيو ويندو هو۔ (تاريخ الخلفاء،ص ۲۲)

ماءُ جو ادب

سلطان العارفين،حضرتِ سَيدُنا بايزيد بسطامي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه   عارفن جو امام۽ زماني جا غوث هئا 160 هجري ۾بسطام (صوبو سمنان) ايران ۾ پيدا ٿيا پاڻ تقوي ۽ پرهيزگاري، حسنِ سلوڪ، همدردي عبادت ۽ رياضت جا پيڪر هئا ، اوهان جي باري ۾ منقول آهي ته جڏهن پاڻ نماز پڙهندا ته الله ڪريم جي خوف سبب سندن سيني جي هڏين مان چرچراهٽ جي آواز نڪرندي، ايستائين جو ماڻهو ان آواز کي ٻڌندا هئا. 15 شعبان المعظم 261 هجري ۾ سندن وفات ٿي ۽ اڄ به سندن مزار بسطام ۾ آهي (طبقاتِ صوفيه،67.تذڪره مشائخ نقشبنديه،ص70،76،65 ملتقطا) اچو اوهان جو والده جي ادب جي متعلق هڪ واقعو ٻڌو.

سلطان العارفين،حضرتِ سَيدُنا بايزيد بسطامي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا:سياري جي