Book Name:Maan ke Dua ka Asar

۾ هئس، ان جي قبضي ۾ کوڙ باغ هئا، هو هر ڏينهن اسان کي پنهنجن باغن (Gardens) ۾ ڪم ڪرڻ جي لاءِ موڪليندو هو ۽ (شام جو) واپَس قَيد خاني ۾ بند ڪندو هو۔ هڪ ڏينهن جڏهن اسان مغرِب کان پوءِ (باغن ۾) ڪم ڪري واپَس قَيد خاني ڏانهن پئي آياسين ته اوچتو منهنجي پيرن ۾ ٻڌل مضبوط ٻيڙيون ازخود ٽُٽي زمين تي ڪري پيون۔ (راوِي جو بيان آهي ته) نَوجوان جنهن ڏينهن ۽ جنهن وَقت ۾ ٻيڙيون ٽٽڻ جي باري ۾ ٻڌايو هو، اهو ئي (ڏينهن ۽) وَقت هو جنهن ۾ ٻُڍڙي حضرت سَيدُنا اِبنِ مَخلَد رَحْمَةُ اللهِ تَعَالىٰ عَلَيۡه جي بارگاھ ۾ دُعا جي لاءِ حاضِر ٿي هئي۔ سپاهين مون (يعني پوڙھيءَ عورَت جي پٽ) کان پڇيائون: ڇا تو ٻيڙيون ٽوڙيون آهن؟ مون چيو: نه! اهي ته خود بخود منهنجي پيرن مان ٽٽي ڪري پيون آهن۔ نَوجوان جي اها ڳالھ ٻڌي سپاهي گھڻا حَيران ٿيا ۽ اُنهن وڃي پنهنجي اَفسر کي ٻڌايو، هو به حَيران ٿيو ۽ ان هڪدم هڪ لوهار کي گھرائي چيائين: ان نوجوان کي ٻيڙين ۾ قابو ڪيو! لوهار مون کي ٻيڙيون پارايون، اڃا مان ڪجھ ئي قدم هليو هئس جو اهي ٻيڙيون ٻيهر منهنجي پيرن مان ٽٽي پيون۔

منهنجي هن معامَلي تي سڀئي ماڻهو گھڻا حَيران ٿيا ۽ اُنهن پنهنجي راهبن (مذهبي پيشوائن) کي سڏائي سڄي صورتِ حال کان آگاھ ڪيائون۔ راهبن سڄي گفتگو ٻڌي مون کان پڇيائون: ڇا تنهنجي والِده زِنده آهي؟ مون چيو: ها، راهب منهنجي ڳالھ ٻڌي اُنهن ماڻهن ڏانهن مُتَوَجِّه ٿي چوڻ لڳا: الله ڪريم ان جي ماءُ جي دُعا قَبول ڪئي آهي۔ سِپاهي چيائون: جڏهن الله پاڪ توکي آزاد فرمايو آهي ته اسان ڇاڪاڻ توکي ٻيڙين ۾ قيد رکون؟ اهو چئي رُومين مون کي رِها ڪري ڇڏيو ۽ مون کي مسلمانن جي حوالي ڪيو۔ (ته ائين ماءُ جي دُعا ۽ سَيدُنا اِبنِ مَخلَد رَحْمَةُ اللهِ تَعَالىٰ عَلَيۡه جي بَرَڪت سان ان نوجوان کي رِهائي نصيب ٿي۔)   (عيون الحڪايات، الحڪايۃ الثامنۃ والاربعون بعدالمائۃ:دعوۃ بقي بن مخلد،ص۱۶۶)

دُعائے ولی میں وہ تاثیر دیکھی

بدلتی ہزاروں کی تقدیر دیکھی