Book Name:Maan ke Dua ka Asar
جي خير خواهي ڪنداسين، انهن جو هر جائز حڪم مڃينداسين۔اِنْ شَآءَ الله عَزَّ وَجَلَّ
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!بدقسمتي سان،علمِ دين کان دوري جي سبب اهڙن نادانن جي به هڪ تعداد آهي جيڪا ماءُ پيءُ جي خوشي تي پنهنجي خوشي قربان ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجي نفساني خواهشات جي پٺيان لڳي ماءُ پيءُ کي داءُ تي لڳائي ڇڏيندا آهن، جاتي پنهنجي مرضي هجي جائز ۽ ناجائز طريقي سان ماءُ پيءُ کي زبردستي مڃائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، مثال طور اولاد جوان ٿي وڃي ۽ ڪنهن سبب شادي ۾ تاخير ٿي رهي هجي ته ڪڏهن ڪڏهن نادان اولاد ٻين سان ماءُ پيءُ جي شڪايت ڪندا آهن، ته ڏسو هاڻي منهنجي شادي جي عمر ٿي وئي آهي، اها ئي عمر ته جواني جون بهارون ڏسڻ جي آهي هاڻ به منهنجي شادي نه ٿي ته ڇا پوڙهائپ ۾شادي ڪندس؟ منهنجي ماءُ پيءُ کي منهنجي فڪر ئي ناهي آخر انهن کي ڪير سمجهائي!!! ڪير چوندو آهي مون کي فلاڻي جڳهه تان ئي شادي ڪرڻي آهي، منهنجي ماءُ پيءُ کي ڇا خبر، بس منهنجي ئي مرضي هلندي، جيڪو مان ڄاڻيان ٿو اهو منهنجا ماءُ پيءُ نه ٿا ڄاڻن.
ڪير چوندو آهي !منهنجي اسڪول/ڪالج جا طلبه سير ۽ تفريح جي لاءِ مختلف تفريحي مقامن تي ويندا آهن ،آزاد گهمندا ڦرندا آهن،پر منهنجي پيءُ کي منهنجو ڪو احساس نه آهي ،آخر منهنجا به ڪي جذبات آهن ڇا مان صرف گهر جي ئي چار ديواري ۾ ئي قيد رهان؟ ڪير چوندو آهي مونکان گڏ اٿڻ ويهڻ وارن جو لباس وڏو شاندار ۽ قيمتي هوندو آهي،منهنجي سادي لباس جي ڪري اهڙن ماڻهن ۾ ويهندي مون کي شرم ايندو آهي.
اي ڪاش !اي ڪاش ! جو اسان پنهنجي ماءُ پيءُ جي جذبن کي سمجهڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون، ٿورو غور ڪريو اهي ڪير اهڙا ماءُ پيءُ هوندا جيڪي اولاد جون خوشيون نه ڏسڻ چاهيندا هجن، ماءُ پيءُ هميشه اولاد جي باري ۾ سٺو ئي سوچيندا آهن، پنهنجي دادلي اولاد جي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ چاهيندا آهن پر ڪڏهن ڪڏهن حالات اجازت ناهن ڏيندا، ڪنهن جو پوڙهو پيءُ آرام ڪرڻ جي بجاءِ هاڻي به مزدوري ڪري