Book Name:Maan ke Dua ka Asar
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ماءُ پيءُ جو مقام ۽ ان جو شان ۽ عظمت ڪيتري قدر بُلند آهي ان جو اَندازو هن ڳالھ مان لڳايو ته الله ڪريم قُرآنِ پاڪ ۾ جتي پنهنجي عِبادت جو حڪم اِرشاد فرمايو آهي اتي ئي والِدَين سان ڀلائي ۽ اِحسان ڪرڻ جو حڪم به اِرشاد فرمايو آهي، جيئن ته
سپارو 15سُوره بَني اِسرائيل جي آيت نمبر23 ۽ 24 ۾ الله پاڪ اِرشاد فرمائي ٿو:
وَ قَضٰى رَبُّكَ اَلَّا تَعْبُدُوْۤا اِلَّاۤ اِیَّاهُ وَ بِالْوَالِدَیْنِ اِحْسَانًاؕ-اِمَّا یَبْلُغَنَّ عِنْدَكَ الْكِبَرَ اَحَدُهُمَاۤ اَوْ كِلٰهُمَا فَلَا تَقُلْ لَّهُمَاۤ اُفٍّ وَّ لَا تَنْهَرْهُمَا وَ قُلْ لَّهُمَا قَوْلًا كَرِیْمًا(۲۳)وَ اخْفِضْ لَهُمَا جَنَاحَ الذُّلِّ مِنَ الرَّحْمَةِ وَ قُلْ رَّبِّ ارْحَمْهُمَا كَمَا رَبَّیٰنِیْ صَغِیْرًاؕ(۲۴)
ترجموڪنزالايمان: ۽ تنهنجي رب حڪم فرمايو ته ان کان سواءِ ٻي ڪنهن جي عبادت نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان چڱو سلوڪ ڪريو جيڪڏهن تنهنجي سامهون انهن مان هڪڙو يا ٻئي پوڙهائپ کي پهچي وڃن ته انهن کي اُف (هون) نه چئجان ۽ نه انهن کي جهڻڪ ۽ انهن سان ڳالهه تعظيم واري ڳالهاءِ ۽ انهن جي واسطي عاجزي جا پر وڇاءِ، نرم دليءَ سان ۽ عرض ڪر اي منهنجا رب تون انهن ٻنهيء تي رحم ڪر جيئن جو انهن ٻنهيء مون کي ننڍپڻ ۾ پاليو.
بيان ڪيل آٓيت سڳورين تحت حضرت علّامه مَولانا سَيد مُفتي محمد نعيمُ الدِّين مُرادآبادي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالىٰ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جڏهن والِدَين تي ضُعف (ڪمزوري) جو غَلَبو هجي، عضوئن ۾ قُوَّت نه رهي ۽ جيئن تون ننڍپڻ ۾ انهن وٽ بي طاقت هئين ائين ئي هو به عُمر جي آخر ۾ تو وٽ ڪمزور رهجي وڃن۔ ته ڪا اهڙي ڳالھ زبان مان نه ڪڍجان جنهن مان اهو سمجھيو وڃي ته انهن جي طرفان طبيعت تي ڪجھ بوجھ آهي۔ نه اُنهن کي ڌڙڪا ڏجان، نه تيز آواز سان ڳالھ ڪجان بلڪ ڪمالِ حُسنِ اَدب (تمام سٺي ادب) سان ماءُ پيءُ سان اهڙي طرح ڪلام ڪر جيئن غُلام ۽ خادِم (پنهنجي) آقا سان ڪندا آهن۔ انهن سان نَرمي ۽ عاجزي سان پيش اچ، ۽ انهن سان ٿڪل وَقت ۾ شَفقت ۽ مَحَبَّت ڀريو ورتاؤ ڪر ڇوته اُنهن تنهنجي مجبوري جي وَقت توکي مَحَبَّت سان نپايو هو ۽ جيڪا شيء انهن کي کپي ته انهن تي خَرچ ڪرڻ ۾ ڪنجوسي (بُخل) نه ڪر۔ مطلب هي آهي ته دنيا ۾ بهتر سُلُوڪ ۽ خدمت ۾ ڪيترو به مُبالَغو ڪيو وڃي پر والِدَين جي اِحسان جو حق ادا نٿو ٿي سگھي، ان