Maan ke Dua ka Asar

Book Name:Maan ke Dua ka Asar

ڪري انسان کي گھرجي ته بارگاھ اِلٰهي ۾ انهن تي فَضل ۽ رَحمت فرمائڻ جي دُعا ڪري ۽ عَرض ڪري ته ياربّ! منهنجون خدمتون انهن جي احسان جي جَزا (بدلو) نٿيون ٿي سگھن ته تون انهن تي ڪرم ڪر ته انهن جي اِحسان جو بدلو ٿئي۔

سيپارو 1سُوْرَۃُ الْبَقَرَه جي آيت83 جي تحت فرمائن ٿا: والِدَين سان اِحسان جا جيڪي طريقا بيان ڪيا ويا آهن اهي هي آهن (1) تَه دل(يعني سچّي دل) سان انهن سان مَحَبَّت رکي، (2) رَفتار ۽ گُفتَار ۾ نِشَست ۽ بَرخَاست (اُٿڻ ويهڻ) ۾ اَدب لازِم ڄاڻي (3) انهن جي شان ۾ تعظيم جا لفظ ڳالهائي، (4) انهن کي راضِي ڪرڻ جي ڪوشِش ڪندو رهي، (5) پنهنجي نَفيس(سٺي) مال کي انهن کان نه بچائي، (6) انهن جي مَرڻ کان بعد انهن جي وَصِيتن تي عمل ڪري)، (7) انهن جي لاءِ فاتِحه، صَدَقات، تلاوتِ قرآن مان اِيصالِ ثَواب ڪري، (8) الله ڪريم کان انهن جي لاءِ بخشش جي دُعا ڪري، (9) هفتيوار انهن جي قَبر جي زِيارت ڪري، (10) والِدَين سان ڀلائي ڪرڻ ۾ اهو به داخِل آهي ته جيڪڏهن اهي گناهن جا عادِي هجن يا ڪنهن بدمذهبي ۾ گرفتار هجن ته انهن کي وڏي نرمي سان اِصلاح، تَقويٰ ۽ عقيده حَقَّه (دُرُست عقيدن) ڏانهن آڻڻ جي ڪوشِش ڪري۔ مطلب ته جيڪڏهن سڄي زِندگي والِدَين جي خدمت ڪئي وڃي تڏهن به انهن جي اِحسانن جو بدلو نٿو لهي سگھي۔

(خزائن العرفان،پ۱، البقره ،تحت الآيۃ:۸۳)

بڑے بھائی بہن کا میں کہا مانا کروں ہردم                            کروں ماں باپ کی دِن رات خدمت  یارسولَ اللہ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                          صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جهڙي طرح قرآنِ پاڪ ۾ والِدَين جي تعظيم ۽ تَوقير ڪرڻ جي تَرغِيب ڏياري وئي آهي اهڙي طرح احاديثِ مُبارَڪه ۾ به ڪيئي مقامن تي والِدَين جي اِطاعت ۽ فرمانبرداري جو حڪم ۽ انهن جي شان ۽ عظمت کي بيان ڪيو ويو آهي۔ اچو! تَرغِيب طور 4 فرامِينِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌو: