Book Name:Na-Mehramon say mel jol ka wabaal

وَ لَا یُبْدِیْنَ زِیْنَتَهُنَّ اِلَّا مَا ظَهَرَ مِنْهَا وَ لْیَضْرِبْنَ بِخُمُرِهِنَّ عَلٰى جُیُوْبِهِنَّ۪-

ترجموڪنزالايمان؛۽ پنهنجو سينگار نه ڏيکارين مگر جيترو پاڻ ظاهر هجي ۽ جڳائي ته پنهنجي گريبانن کي رئو اوڙهي رکن،

پر افسوس صد افسوس! اسان جي معاشري ۾ خواتين هڪ ته پاڻ پردو نه ڪنديون آهن ۽ جيڪي خوش نصيب اسلامي ڀينرون هن قراني حڪم  تي عمل ڪنديون آهن انهن کي ”مُلائڻ“ چئي مذاق اُڏايو ويندو آهي، ڪڏهن (ڪا اسلامي ڀيڻ) عورتن جي ڪنهن تقريب ۾ مدني برقعو پائي وڃي!!! ته ٭ ڪا چوندي آهي: اڙي ! هي ڇا پائي رکيو اٿئي، لاهه هِن کي! ٭ ڪا چوندي آهي بس اسان کي معلوم ٿي ويو ته تون وڏي پرديدار آهين، هاڻي ڇڏ به کڻي اهو پردو وغيره! ٭ ڪا چوندي آهي، دنيا تمام ترقي ڪري چڪي آهي ۽ تو ڇا هي دقيانوسي انداز اپنائي رکيو آهي (مَعَاذَ الله عَزَّ وَجَلَّ)۔ اهڙي طرح جي دل ڏکائيندڙ ڳالهين سان شرعي پردو ڪرڻ واريءَ جي دل ڀڄي ڀُري چڪنا چور ٿي ويندي آهي، جيتوڻيڪ واقعي انتهائي نازڪ حالات آهن، شرعي پردو ڪرڻ واري اسلامي ڀيڻ سخت آزمائش ۾ مبتلا رهندي آهي پر همت نه هارڻ گهرجي۔ مذاق اڏائڻ يا اعتراض ڪرڻ وارين سان زوردار بحث شروع ڪرڻ يا ڪاوڙ ۾ اچي وڙهي پوڻ سخت نقصانڪار آهي جو ان طرح مسئلو حل ٿيڻ بدران وڌيڪ اُلجهي سگهي ٿو۔

اهڙي موقعي تي هي ياد ڪري پنهنجي دل کي تسلي ڏيڻ گهرجي ته جيستائين تاجدارِ رسالت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن عام اعلانِ نبوت نه فرمايو هو، ان وقت تائين بدبخت ڪافر پاڻ ڪريم  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي احترام جي نظر سان ڏسندا هئا ۽ پاڻ ڪريم  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي امين ۽ صادق جي لقب