Book Name:Farooq e Azam ki Aajazi

منصب جي نشي ۾ مدهوش ٿي خبر ناهي ڇو غُرور ۽ تڪبُّر جي کائي ۾ ڦاسندا پيا وڃون۔ ياد رکو! جيڪي دُنياوي مال ۽ دولت ۽ شهرت جا مالڪ آهن انهن کي ته وڌيڪ اِحتياط جي حاجت آهي ته ڪٿي اهي دُنياوي نعمتون انهن کي تڪبُّر جي آفت ۾ مبُتلا ڪري الله عَزَّ وَجَلَّ جي ناراضگي جو سبب نه بڻجي وڃن، تڪبُّر اهڙي بُري صفت آهي جو جنهن جي ڪري انسان دنيا ۽ آخرت ۾ ذليل ۽ رُسوا ٿي ويندو آهي، جيئن نبي مُڪرَّم، نُورِ مُجسَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ مُعَظّم آهي: '' ”جيڪو الله عَزَّوَجَلَّ جي لاءِ عاجزي اختيار ڪري الله عَزَّوَجَلَّ ان کي بلندي عطا فرمائيندو، بس هو پاڻ کي ڪمزور سمجهندو پر ماڻهن جي نظرن ۾ عظيم هوندو ۽ جيڪو تڪبر ڪري الله عَزَّوَجَلَّ ان کي ذليل ڪري ڇڏيندو، بس اهو ماڻهن جي نظرن ۾ ڪمتر هوندو پر پاڻ کي برتر سمجهندو هوندو ايستائين جو اهو ماڻهن وٽ ڪُتي ۽ خنزير کان به بدتر ٿي ويندو آهي۔“

     (ڪنزالعمال ڪتاب الاخلاق ، قسم الاقوال، ج ٣، ص٥٠، الحديث ٥٧٣٤)

فخر و غُرور سے تُو مولیٰ مجھے بچانا

یا ربّ! مجھے بنا دے پیکر تُو عاجزی کا

                                               (وسائل بخشش مُرمّم،ص178)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                                صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

تڪبُّر جون تباه ڪاريون:

            مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! تڪبر اهڙو مُهلِڪ (يعني هلاڪ ڪرڻ وارو) باطني مرض آهي جيڪو پاڻ سان گڏ ٻين ڪيترين ئي براين کي آڻي ٿو ۽ ڪيترين ئي چڱائين کان ماڻهوءَ کي محروم ڪري ٿو۔ حُجَّةُ الِاسلام حضرت سيدنا امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه لکن ٿا: مغرور شخص جيڪو ڪجهه پنهنجي لاءِ پسند ڪري ٿو اهو پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي لاءِ پسند نٿوڪري