Book Name:Farooq e Azam ki Aajazi

بارگاهِ الٰهي مان ڪڍيو ويو، جڏهن ته ان کان پهريان شيطان سَرڪش ۽ نافرمان نه هو بلڪ اُن هزارين سال عبادت ڪئي، جنّت جو خزانچي رهيو، اهو جِنّ هو پر پنهنجي عبادت ۽ رِياضت ۽ عِلميت جي سبب مُعَلِّمُ المَلَڪوت يعني ملائڪن جو اُستاد بڻجي ويو، پر ڪجھ گھڙين ۾ تڪبُّر جي سبب الله عَزَّوَجَلَّ جي نبي حضرت سَيدُنا آدم عَلٰي نَبِينَا وَ عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام جي توهين جو مُرتڪب ٿيو ۽ حڪمِ الٰهي عَزَّوَجَلَّ جي نافرماني جي ڪري اُن جون ورهين جون عبادتون بيڪار ۽ هزارن سالن جون رياضتون برباد ٿي ويون۔ ذلت ۽ رُسوائي اُن جو مقدر بڻجي وئي، هميشه جي لاءِ لعنت جو طوق اُن جي ڳِچيءَ ۾ پئجي ويو ۽ هو جهنّم جي دائمي (يعني هميشه جي) عذاب جو حقدار ٿيو۔ اچو! تڪبّر جي آفت کان بچڻ جي لاءِ ان جي مذمّت تي ٽي (3) فرامينِ مصطفي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌون ٿا:

1.      جنهن جي دل ۾ رائي جي داڻي جيترو به ايمان هوندو، اهو جهنّم ۾ داخل نه ٿيندو ۽ جنهن جي دل ۾ رائي جي داڻي جيترو تڪبّر هوندو اهو جنّت ۾ داخل نه ٿيندو۔''

(صحيح مسلم، ڪتاب الايمان،باب تحريم الڪبروبيانه،الحديث:۱۴۸،ص۶۱)

2.       قيامت جي ڏينهن مغرورن کي انساني شڪلين ۾ ماڪوڙين وانگر اُٿاريو ويندو، هر پاسي کان انهن تي ذلت طاري هوندي، انهن کي جهنم جي ”بُولس“ نالي قيد خاني ڏانهن ڌِڪيو ويندو ۽ تمام وڏي باھ انهن کي پنهنجي وَڪَڙ ۾ وٺي انهن تي غالب اچي ويندي، انهن کي طِیْنَۃُالْخَبَّال يعني دوزخين جي پونءِ پياري ويندي۔'' (مسند احمد ،۲/۵۹۶،حديث:۶۶۸۹)

3.        جيڪو ماڻهو پنهنجو پاڻ کي وڏو سمجھندو آهي ۽ هلڻ مهل آڪڙ ڪندو آهي، اهو الله عَزَّوَجَلَّ سان ان حال ۾ ملندو جو الله عَزَّوَجَلَّ ان تي غضب فرمائيندو۔''    (المستدرڪ ،ڪتاب الايمان، باب من يتعاظم في نفسه۔۔۔۔الخ،الحديث:۲۰۸،ج۱،ص۲۳۵)

تُوْبُوْااِلَي الله             اَسْتَغْفِرُالله