Book Name:Farooq e Azam ki Aajazi

آهيون اهڙي طرح اتي به عقلمندي جو ثبوت ڏيندي تڪبُّر جو علم ٿيڻ کان بعد ان جو علاج فوراً شروع ڪرڻ گھرجي، ڇوته جيڪو ان بيماري ۾ مبُتلا ٿيندو آهي اهو مسلمان جي دل آزاري، ڪوڙ، غيبت، چغلي، حسد وغيره مُهلڪ (يعني هلاڪ ڪرڻ وارين) بيمارين جو شڪار ٿي سگھي ٿو۔ اچو! تڪبُّر جي آفت کان پيڇو ڇڏائڻ ۽ عاجزي اَپنائڻ جا ڪجھ طريقا ٻُڌون ٿا۔

(1) مدني ماحول اپنائي وٺو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عاجزي ۽ انڪساري ۽ ٻيون نيڪ عادتون اپنائڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جو مدني ماحول اپنائي وٺو۔ اَلۡحَمۡدُلله عَزَّوَجَلَّ! ”دعوتِ اسلامي“ لکين مسلمانن خاص طور تي نوجوان اسلامي ڀائرن ۽ ڀينرن جي زندگين ۾ مدني انقلاب برپا ڪري ڇڏيو، ڪيترائي بگڙيل نوجوان توبهه ڪري سِڌي راھ تي اچي ويا، ماءُ پيءُ سان بُرو رويو اختيار ڪرڻ وارا با ادب ٿي ويا، ڪفر جي اونداهين ۾ ڀٽڪڻ وارن کي اسلام جو نور نصيب ٿيو، يورپي ملڪن جي رنگينين کي ڏسڻ جا خواهشمند ڪعبَةُ الۡمُشَرَّفه ۽ گنبذِ خضرٰي جي زيارت جي لاءِ بيقرار رهڻ لڳا، دنيا جي فضول غمن ۾ ڳرڻ وارا فڪرِ آخرت جي مدني سوچ رکڻ وارا بڻجي ويا، بي حيائي وارا رسالا ۽ واهيات ڊائجسٽن جا شوقين اهلسنت جي عالمن دامَتۡ فُیُوۡضُھُم جي رسالن ۽ ٻين ديني ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ لڳا، تفريح خاطر گناهن ڀري سفر جا عادي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ راھِ خدا ۾ سفر ڪرڻ وارا بڻجي ويا ۽ بي نمازي نه صرف نمازي بلڪ نمازون پڙهائڻ وارا (يعني مسجد جا امام) بڻجي ويا، ۽ ڪثير اسلامي ڀائر فجر نماز جي لاءِ مسلمانن کي جڳائڻ (صداء مدينه) لڳائڻ وارا بڻجي ويا۔ صداءِ مدينه لڳائڻ ذيلي حلقي جي 12مدني ڪمن مان روزانو جو هڪ مدني ڪم ۽ سنّتِ فارُوقِ اعظم به آهي۔

منقول آهي ته امير المؤمنين حضرت سيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ