Book Name:Farooq e Azam ki Aajazi

اقرار ڪرائيندا هئا۔ جيئن

حضرت سيدُنا ابنِ مالڪ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي، فرمائن ٿا: ته هڪ ڏينهن اَمِيرُالمُؤمنين حضرت سيدُنا عُمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ٻاهر نڪتا ته مان به سندن پويان پويان هلڻ لڳس، ڇا ٿو ڏسان ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ هڪ باغ ۾ داخل ٿيا۔ منهنجي ۽ انهن جي وچ ۾ هڪ ديوار هئي، مون ٻڌو، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجي پاڻ کي مخاطب ڪري عاجزي طور ارشاد فرمائي رهيا هئا: ’’اي مسلمانن جا امير! اللهعَزَّ وَجَلَّ کان ڊڄندا رهو نه ته الله عَزَّ وَجَلَّ جو قسم! اهو توهان کي ضَرور عذاب ۾ مبُتلا ڪندو۔ ‘‘ (موطا امام مالڪ، باب ما جاء في التقي، ڪتاب الڪلام، ج۲، ص۴۶۹، حديث:۱۹۱۸)

نفس کي ذليل ڪرڻ جو عزم:

حضرت سيدُناعبدُالله بن عُمر بن حفص رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُفرمائن ٿا ته هڪ ڀيري اميرُالمؤمنين حضرت سيدُنا عُمَر فارُوقِ اَعظَم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجي پُٺيءَ تي مشڪيزو کنئيو۔ اصهان کي عرض ڪيو ويو ته حُضُور اوهان نه کڻو، ارشاد فرمايائون: ’’منهنجي نفس مون کي عُجب پسندي (يعني پنهنجي پاڻ کي وڏو سمجھڻ) ۾ مبُتلا ڪيو ته مون ان کي ذليل ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي۔‘‘

(تاريخِ اسلام ،۳/۲۷۰)

ڪتاب”فيضانِ فاروقِ اعظمرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ“ جو تَعارُف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اميرالمؤمنين حضرت سيدُنا عُمر فارُوقِ اعظم   رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جيڪي باطني بيمارين ۽ ٻين بُرين صفتن کان پاڻ پاڪ هئا پر اسان کي تڪبُّر ۽ خود پسندي جو علاج ٻڌائيندي پنهنجي عمل ذريعي ڄڻ ارشاد فرمائي رهيا آهن ته نفس کي انهن آفتن کان بچائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻ گھرجي۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي انهيء عاجزي ۽ اِنڪساري جي سبب الله عَزَّوَجَلَّ پاڻ کي اها عزّت، مقام ۽ مرتبو عطا فرمايو جو اڄ تائين سموري ڪائنات ۾ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي تذڪري جي ڌوم متل آهي قيامت تائين تمام مسلمان