Book Name:Farooq e Azam ki Aajazi

حضرت سيدُنا ابُو رافع رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي، فرمائن ٿا ته هڪ ڀيري امير المؤمنين حضرت سيدُناعمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ منهنجي ويجھو کان گذريا ته مان قرآنِ پاڪ جي خُوبصورت لهجي ۾ تلاوت ڪري رهيو هئس، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ٻڌي ارشاد فرمايو: یَا اَبَا رَافِعْ! لَاَنْتَ خَیْرٌ مِّنْ عُمَرَ  تُؤَدِّیْ حَقَّ اللہِ وَحَقَّ مَوَالِیْكَ يعني اي ابُو رافع! يقيناً توهان عمر کان بهتر آهيو ته توهان الله عَزَّ وَجَلَّ جا حق ۽ پنهنجي آقا جا حق چڱي طرح اَدا ڪيو ٿا۔‘‘

( شعب الايمان للبيھقي، باب في حق السادة علي المماليد، ج۶، ص۳۸۶، حديث:۸۶۱۳)

عاجزي ڇا کي چئبو آهي:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اميرالمومنين فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي عاجزي ۽ انڪساري تي قُربان وڃجي جو اُمَّتِ محبوب ۾ صدّيقِ اڪبر کان بعد سڀ کان افضل آهن، قطعي جنَّتي آهن ۽ وقت جا حاڪم آهن پوءِ به ٻين کي پاڻ کان بهتر سمجھن ٿا۔ عاجزي جي وصف به اها آهي ته پاڻ کي خوبين ۾ ٻين کان ڪم تَر ۽ خامين ۾ بَرتر سمجھي۔ ( فيض القدير ۱/۵۵۹ماخوذا )

حضرت سيدُنا حَسَن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا:''تواضُع (عاجزي) اها آهي ته جڏهن توهان پنهنجي گھران نڪرو ته جنهن مسلمان سان به مِلو، اُن کي پنهنجي پاڻ کان افضل سمجھو۔''   (الزواجر عن اقتراف الڪبائر،ج۱،ص۱۶۳)

میں سب سے بُرا ہوں نگاہِ کرم ہو

مگر  آپ  کا ہُوں  نگاہِ کرم  ہو

خوش بختي جي هڪ نشاني

حضرت علامه ابنِ جوزي رَحْمَة الله تَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا:’’انسان جي خُوش بختي جي هڪ نشاني اها به آهي ته اهو پنهنجي نفس کان عاجزي ۽ پنهنجي تمام اَفعال ۽ اَقوال ۾ ڪوتاهي جو اقرار ڪرائي۔‘‘(بحرالدموع، ص۲۰۰) اميرالمؤمنين حضرت سيدُنا عمر فاروقِ اعظمرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ به پنهنجي نفس کان عاجزي جو