Book Name:Farooq e Azam ki Aajazi

1.    حضرتِ سيدُنا حَسَن بَصَريرَحْمَة الله تَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: حضرتِ سيدُناعُمَر بِن خَطَّاب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ڪڏهن ڪڏهن باھ جي ويجھو هٿ کڻي ويندا پوءِ پنهنجي پاڻ کان سُوال ڪندا هئا: اي خَطّاب جا پٽ! ڇا تو ۾ اها باھ برداشت ڪرڻ جي سگھ آهي؟     (مناقب عمر بن الخطاب ، ص۱۵۴)

2.    پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي باري ۾ اهو به منقول آهي ته پاڻ مَدِينَة الْمُنَوَّرَه جي ننڍن يعني نابالغ ٻارن کان پنهنجي لاءِ ائين دُعا ڪرائيندا هئا ته: اي ٻارو دُعا ڪيو! عمر بخشجي وڃي۔  (فضائلِ دُعا،ص۱۱۲)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اميرُالمؤ منين فاروقِ اعظمرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي عاجزي ۽ اِنڪساري جو عالم ته ڏسو ته عيد جي ڏينهن به پيرين اگھاڙي عيد گاھ ڏانهن وڃي رهيا آهن، ڪڏهن ته سفر جي دوران مٽي جي ڍير کي ويهاڻو ٺاهي ان تي آرام فرمائي رهيا آهن ۽ قطعي جنّتي هئڻ جي باوُجُود ڪڏهن عذابِ الٰهي کان ڊڄندي ٻارن کان پنهنجي بخشش ۽ مغفرت جي لاءِ دُعا ڪرائي رهيا آهن۔ يقيناً جيڪو الله عَزَّوَجَلَّ جي لاءِ عاجزي ڪندو آهي ته الله عَزَّوَجَلَّ ان کي بلند ۽ اعليٰ مرتبو عطا ڪندو آهي جيئن ته فرمانِ مصطفي صَلَّي الله تَعَالٰي عَلَيه وَاٰلِه وَسَلَّمَ آهي:

’’جيڪو پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي لاءِ تواضُع اختيار ڪندو آهي الله عَزَّوَجَلَّ ان کي بُلندي عطا ڪندو آهي ۽ جيڪو مسلمان ڀاءُ تي بلندي چاهيندو آهي الله عَزَّوَجَلَّ ان کي پستي ۾ وجھندو آهي۔ (معجم الاوسط، من اسمه محمد، ۵/۳۹۰، الحديث: ۷۷۱۱)

موزا  لاهي ڪلهي تي رکي ورتا!

الله عَزَّوَجَلَّ اميرالمومنين فاروقِ اَعظَمرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي عاجزي ۽ انڪساري جهڙي صفت جي ڪري نهايت بُلند مقام ۽ مرتبو عطا فرمايو، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ الله عَزَّوَجَلَّ جي طرفان ملڻ واري هن عزّت ۽ مرتبي کان علاوه ماڻهن طرفان ملندڙ عزّت ۽ شهرت جا بلڪل خواهش مند نه هئا، جيئن ته هڪ ڀيري پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ