Book Name:Farooq e Azam ki Aajazi

 

تری سُنّتوں پہ چل کر میری روح جب نکل کر

 

 

چلے تم گلے لگانا مدنی مدینے والے

(وسائلِ بخشش،ص۴۲۸)

ننهن ڪٽڻ جون سُنتون ۽ آداب

اچو!شيخِ طريقت،اميرِاَهلسنّت دَامَتۡ بَرَكَاتُهُمُ الۡعَالِيَه جي رسالي ’’101 مَدَني گل‘‘ مان ننهن ڪٽڻ جون سنّتون ۽ آداب ٻڌون ٿا۔*  جمعي جي ڏينهن ننهن ڪٽڻ مستحب آهن۔ ها جيڪڏهن وڌي ويا هجن ته جمعي جو انتظار نه ڪريو۔ (دُرِّمُختار،۹/۶۶۸)صدرُ الشَّريعه، بدرُ الطَّريقه مولانا امجد علي اعظمي فرمائن ٿا: منقول آهي: ”جيڪو جمعي جي ڏينهن ننهن ڪٽي الله تعاليٰ اُن کي ٻئي جمعي تائين مصيبتن کان محفوظ رکندو ۽ ٽي ڏينهن وڌيڪ يعني ڏهه ڏينهن تائين۔ هڪ روايت ۾ هي به آهي ته جيڪو جمعي جي ڏينهن ننهن ڪٽي ته رحمت نازل ٿيندي ۽ گناهه ڇڻندا۔ (دُرِّمُختار،رَدُّالْمُحتَار، ۹/۶۶۸، بهارِشريعت حصّه۱۶، ۲۲۵،۲۲۶)* هٿن جا ننهن ڪٽڻ جي منقول طريقي جو خلاصو پيش خدمت آهي: پهرين ساڄي هٿ جي شهادت واري آڱر کان شروع ڪري ترتيبوار چيچ سميت ننهن ڪٽيا وڃن پر آڱوٺو ڇڏيو وڃي، هاڻي کٻي هٿ جي چيچ کان شروع ڪري ترتيبوار آڱوٺي سميت ننهن ڪٽيو، پوءِ هاڻي آخر ۾ ساڄي هٿ جي آڱوٺي جو ننهن ڪٽيو وڃي۔ (دُرِّمُختار،۹/۶۷۰، اِحْياءُ الْعُلُوم، ۱/۱۹۳)* پيرن جي ننهن ڪٽڻ جي ڪا ترتيب منقول ناهي۔ بهتر اهو آهي ته ساڄي پير جي چيچ کان شروع ڪري ترتيبوار آڱوٺي سميت ننهن ڪٽيو پوءِ کاٻي پير جي آڱوٺي کان شروع ڪري چيچ سميت ننهن ڪٽيو۔ (دُرِّمُختار،۹/۶۷۰، اِحْياءُ الْعُلُوم، ۱/۱۹۳)* جنابت جي حالت (يعني غسل فرض ٿيڻ جي صورت) ۾ ننهن ڪٽڻ مڪروهه آهي۔ (عالَمگيري،۵ /۳۵۸)* ڏند سان ننهن ڪٽڻ مڪروهه آهي ۽ ان سان برص (يعني ڪوڙهه) جي بيماري ٿيڻ جو انديشو آهي۔ (اَيضاً) * ننهن ڪٽڻ کان پوءِ انهن کي دفن ڪري ڇڏيو ۽ جيڪڏهن اڇلائي