Book Name:Farooq e Azam ki Aajazi

جي برڪت سان منهنجي وڏي ڀاءُ کي به حج جي سعادت نصيب ٿي، حج دوران شيخِ طريقت، اميرِاهلسنّت دَامَتۡ بَرَكَاتُهُمُ الۡعَالِيَه سان بيعت ٿيڻ جو شرف به ملي ويو۔ شايد اها مديني شريف جي حاضري ۽ هڪ ولي ڪامل سان بيعت جي برڪت هئي جو منهنجو ڀاءُ جيڪو پهريان نمازن ۾ سُستيءَ جو شڪار هو، پر هاڻي تمام گناهن کان توبھ ڪري نيڪين ڏانهن مائل ٿيڻ لڳو۔ باجماعت نماز جو اِهتمام ڪرڻ لڳو۔ ڏاڙھي شريف جي به نيت ڪري ورتي۔ حج تان واپسي جي ڪم وبيش ٻن مهينن کان بعد جڏهن هڪ عزيز جي شادي ۾ شريڪ هئا، ڄڃ اچڻ واري ئي هئي پر جيئن ئي نماز جو وقت ٿيو ته سڀني کي بآوازِ بلند نماز جي دعوت ڏني ۽ مسجد ڏانهن هلڻ لڳا۔ جڏهن وضو جي لاءِ وضو خاني تي پهتا ته اوچتو دل جو دورو پوڻ سبب ڪِري پيا. نمازين اڳتي وڌي کنئيو ۽ مسجد ۾ ليٽائي ڇڏيو۔ مسجد ۾ ليٽائيندي ئي سندن رُوح قفسِ عنصري مان پرواز ڪري ويو۔ اتي موجود سڀ ماڻهو ادي سائين جي ان ايمان افروز وفات تي افسوس سان گڏ رشڪ ڪرڻ لڳا۔

لگا فجر میں بھائی  گھر گھر میں جا کر

ذرا دِل لگا کر  "صدائے مدینہ"

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                                صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

(2)پهريون سلام  ڪرڻ گهرجي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان تڪبُّر جي آفت کان پيڇو ڇڏائڻ ۽ عاجزي اَپنائڻ جا ڪجھ طريقا ٻڌي رهيا هئاسين، عاجزي ۽ انڪساري پيدا ڪرڻ جو هڪ طريقو اهو به آهي ته امير هجي يا غريب، وڏو هجي يا ننڍو هر مسلمان کي سلام۾اڳرائي ڪريو۔اسان جا مدني آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ته ٻارن کي به سلام ۾ اڳرائي فرمائيندا هئا۔ حضرت سيدنا انس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ڪجهه ڇوڪرن وٽان