Book Name:Farooq e Azam ki Aajazi

يعني مسلمان جي نيت ان جي عمل کان بهتر آهي.[1]  

 ٻه مدني گُل: 1 بنا سٺي نيت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

                   2 جيتريون سٺيون نيتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نيّتون

* نگاهون جھڪائي انتهائي توجھ سان بيان ٻُڌندس * ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو گوڏا ڀڃي ويهندس * ضرورت طور سوڙهو ٿي سِرڪي ٻين جي لاءِ جاءِ ڪُشادي ڪندس * ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھورڻ، جھڻڪڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس * صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله، تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻُڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي (يعني دلداري) جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس * بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مُصافحو ۽ اِنفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                     صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اوچتو ٻه (2) شينهن سامهون آيا

          مَنقُول آهي ته روم جي بادشاه جو موڪليل هڪ عجمي شخص مَدِينَةُ المُنَوَّرَه آيو ۽ ماڻهن کان حضرت سَيدُنا عُمَر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو پتو پُڇيائين، ماڻهن ٻڌايو ته اُهي منجھند جو شهر کان ڪجھ پري کجور جي باغن ۾ قَيلُولَه (يعني آرام) فرمائيندي اوهان کي ملندا، اهو عجمي شخص ڳولها ڪندي سندن وٽ پهتو ۽ اِهو ڏٺائين ته پاڻ پنهنجي چمڙي جو دُرَّو پنهنجي مٿي هيٺ رکي زمين تي پڪي ننڊ سمهي رهيا آهن۔ عجمي شخص ان ارادي سان تَلوار کي مياڻ مان ڪڍي اڳتي وڌيو ته اَمِيرُ المؤمنين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي قتل ڪري ڀڄي وڃي، پر اهو جيئن ئي اڳتي وڌيو، اوچتو ان ڏٺو ته ٻه (2) شينهن

 

 



[1] (المعجم الڪبير للطبراني، باب السین،سهل بن سعد الساعدی الحديث: 5942، ج 6، ص 185)