Book Name:Farooq e Azam ki Aajazi

گر تکبُّر ہو دِل میں ذرّہ بھر

سُن لو جنّت حرام ہوتی ہے

                                           (وسائل بخشش مُرمّم،ص495)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان کي به تڪبُّر جي آفت کان بچندي عاجزي پيدا ڪرڻ گھرجي ڇوته عاجزي جون گھڻيون برڪتون آهن |عاجزي ڪرڻ واري جي لاءِ ملائڪ بلندي جي دعا ڪندا آهن | عاجزي ڪرڻ واري جي لاءِ خوشخبري آهي |عاجزي ڪرڻ وارا قيامت جي ڏينهن منبرن تي ويٺل هوندا |الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجي محبوب ٻانهن کي عاجزي جي دولت عطا فرمائيندو آهي |عاجزي ڪرڻ واري کي ستن آسمانن تائين بلندي عطا ڪئي ويندي آهي |عاجزي ڪرڻ واري تي الله عَزَّوَجَلَّ رحم فرمائيندو آهي۔  (احياء العلوم،۳/۹۹۹)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

 فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ  جي زِندَگي جو مختصر تَعارُف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان حضرت سَيدُنا عمر فاروقِ اعظمرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي نهايت ئي پياري وصف "عاجزي" جي باري ۾ ايمان افروز واقعو ٻڌو، پهرين مُحَرَّمُ الحَرَام تي سندن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو يومِ عُرس ملهايو ويو۔ اچو! اِنهيء مناسبت سان پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي مبارڪ سِيرَت جي باري ۾ ڪجھ مدني گل ٻڌڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيون ٿا. خليفهءِ دُوُم، جانَشينِ پيغمبر، حضرتِ سيدُنا عُمَر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي ڪنيت’’ ابُوحَفص‘‘ آهي۔ (مستدرڪ للحاڪم حديث ۵۰۴۲، ۴/۲۳۹) ۽ لقَب’’فاروقِ اَعظم‘‘ آهي، اهو لقَب اوهان کي بارگاھِ رسالت مان عطا ٿيو۔ اُمُّ المؤمنين حضرت سيدتُنا عائشه صِدِيقَه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُا کان روايت آهي