Book Name:Farooq e Azam ki Aajazi

عزّت ۽ بُلندي نصيب فرماء۔ (ابن ماجه،۱/۷۷، حديث: ۱۰۵)

پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي اِسلام قَبول ڪرڻ سان مُسَلمانن کي بي حد خُوشي ٿي ۽ انهن کي تمام وڏو سَهارو ملي ويو، ايستائين جو حُضُور رحمتِ عالَم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مسلمانن سان گڏجي حَرَمِ مڪه ۾ اِعلانِيه نَماز اَدا فرمائي ۽ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ سرورِ ڪائنات، شهنشاھ موجودات صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تمام اسلامي تَحريڪات، صُلح ۽ جنگ وغيره جي سمورن معاملن ۾ وزير ۽ مُشير جي حيثيت سان وَفادار رهيا۔ حضرتِ سيدُنا ابُوبڪرصِدِّيق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پاڻ کان بعد حضرتِ سيدُنا فاروقِ اعظمرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي خليفو مُنتَخَب فرمايو، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ تقريباً ڏھ (10) سال ڇھ (6) مهينن تائين تختِ خِلافت تي رَونق اَفروز رهي جانَشينِ مصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سڀني ذِمّيدارين کي نهايت سٺي طريقي سان سر اَنجام ڏنو۔        (تارِيخُ الْخُلَفاء، ص۱۰۸،ڪراماتِ فاروقِ اعظم ،ص۶)

سَيدُنا عُمَر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي وفات

هڪ ڏينهن فَجر نماز ۾ هڪ بدبخت ابُولؤلؤ فيروز نالي غير مسلم اوهان تي خنجر سان وار ڪيو ۽ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ زَخمن کي نه سهندي ٽئي ڏينهن شهادَت جي مرتبي تي فائز ٿيا۔ شهادت وقت سندن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي عُمر شريف 63 سال هئي۔   (الرِّيا ضُ النَّضْرة ۱/۴۰۸،۴۱۸)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                                         صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي عاجزي ۽ انڪساري

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! الله عَزَّوَجَلَّ جي عَطا سان ڪنهن کي خِلافَت يا حڪومت جو منصب ملڻ تمام وڏي سَعادت آهي۔ ان مَنصَب جو حقيقي معنٰي ۾ حق اُنهيءَ وقت ادا ٿي سگھندو، جڏهن اهو حاڪم پنهنجي رِعايا سان عدل ۽ انصاف ڪري، ماڻهن جي حقن جي ادائيگي لاءِ هر وقت فڪر مند رهي ۽ الله عَزَّوَجَلَّ ۽ اُن