Book Name:Farooq e Azam ki Aajazi

محمد امجد علي اعظميرَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه گھر جي ڪم ڪار کان عار (شرم) محسوس نه ڪندا هئا، گھر ۾ ڀاڄيون ڇهليندا، ڪٽيندا ۽ ٻيا ڪم به ڪندا هئا۔

(ماهنامه اشرفيه،صدر الشريعه نمبر،ص۵۴)

الله عَزَّ وَجَلَّ اسان کي به گھر جو ڪم پاڻ ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

(4)هنن عملن کي اختيار ڪيو!

اهڙا عمل اختيار ڪيو، جيڪي تڪبُّر کي ختم ڪرڻ وارا آهن، غريب ۽ نيڪ مسلمانن جي صُحبت ۾ ويهو، اِنْ شَآءَ الله عَزَّوَجَلَّ ان سان به تڪبّر ختم ٿيندو، عاجزي پيدا ٿيندي۔

ٻڪري جي کَل تي ويهڻ جي برڪت

دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل 1250 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهارِ شريعت“ جلد اول حصو 2 صفحي 403 تي آهي: ”ٻڪري ۽ گهٽي جي (دباغت ٿيل يعني مخصوص طريقي سان خشڪ ڪيل) کل تي ويهڻ ۽ پائڻ سان طبيعت ۾ نرمي ۽ انڪساري پيدا ٿيندي آهي۔ “ (بهارشريعت،جلد اوّل، ص۴۰۳، بتغير) اَلۡحَمۡدُلله عَزَّوَجَلَّ شيخِ طريقت امير اهلسنّت دَامَتۡ بَرَكَاتُهُمُ الۡعَالِيَه پنهنجي ويهڻ جي جڳهه تي عام طور تي ٻڪري جي (خشڪ ٿيل) کَل وڇائڻ جو اهتمام فرمائيندا آهن بلڪ بيان جي دوران به اڪثر پاڻ دَامَتۡ بَرَكَاتُهُمُ الۡعَالِيَه  جي ويهڻ جي جڳهه تي ٻڪري جي کَل وڇايل هوندي آهي۔ اوهان به ڪوشش ڪري پنهنجي ويهڻ جي جڳهه تي ٻڪري يا گهٽي جي (خشڪ ٿيل) کَل وڇائي ويهو ۽ انهن جي برڪتن جو اکين ڏٺو نظارو ڪريو۔

(5)صدقو ڏيو!

صدقو ۽ خيرات ڪرڻ به اهڙو عمل آهي جيڪو عاجزي پيدا ڪندو ۽ تڪبُّر کي ختم ڪندو آهي۔ فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي: ''مسلمان جو صدقو عمر ۾ اضافي جو سبب ۽ بُري موت کان بچائي ٿو ۽ الله تعاليٰ ان جي سبب تڪبُّر ۽ فخر کي دور فرمائي ڇڏي ٿو۔“  (مجمع الزوائد ،ڪتاب الزڪاة، باب فضل الصدقة، رقم ۴۶۰۹،ج ۳، ص ۲۸۴) ان