Book Name:Farooq e Azam ki Aajazi

گذريا ته انهن کي سلام ڪيائون، پوءِ فرمايائون: ”رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به ائين ئي ڪندا هئا۔“ (صحيح البخاري ،ڪتاب الاستئذان،باب التسليم علي الصبيان، الحديث۶۲۴۷، ج۴،ص۱۷۰)

تری سادگی پہ لاکھوں، تری عاجزی پہ لاکھوں

ہوں  سلامِ   عاجِزانہ    مدنی   مدینے   والے                                                                                  

(وسائلِ بخشش مُرمّم،ص426)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                                صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابُو بلال محمد الياس عطارقادري رضوي ضيائيدَامَتۡ بَرَكَاتُهُمُ الۡعَالِيَه سلام کي عام ڪرڻ جي لاءِ اسان کي هڪ مدني انعام به عطا فرمايو آهي، جيئن مدني انعام نمبر6 ۾ فرمائن ٿا ته ’’ڇا اڄ اوهان گھر، دفتر، بس، ٽرين وغيره ۾ ايندي ويندي ۽ گھٽين مان گُذرندي راھ ۾ بيٺل يا ويٺل مسلمانن کي سلام ڪيو؟‘‘ تنهنڪري سٺين سٺين نيتّن سان مسلمانن کي سلام ڪرڻ جي ڀرپور عادت بڻايو، اِنْ شَآءَ الله عَزَّوَجَلَّ مدني انعام تي عمل سان گڏوگڏ ان جون خوب برڪتون به نصيب ٿينديون۔

(3) پنهنجو ڪم پاڻ ڪيو!

عاجزي پيداڪرڻ جو هڪ طريقو اهو به آهي ته پنهنجو سامان پاڻ کڻو ۽ جيڪڏهن ڪو عذر نه هجي ته گھر جو ڪم ڪرڻ جي به عادت بڻايو، فرمانِ مصطفي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي: ”جنهن پنهنجو سامان پاڻ کڻي ورتو اهو تڪبُّر کان آزاد ٿي ويو۔“ (شعب الايمان، باب في حسن الخلق، فصل في التواضع، الحديث: ۸۲۰۱،ج۶،ص۲۹۲)

پيارا آقاصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پاڻ به پنهنجي گھر جي ڪم ڪار ۾ مشغول رهندا هئا''(بخاري،ج۱،ص۲۴۱) انهيءَ سنت تي عمل ڪندي صدرُالشَّريعه،بدرُالطَّريقه مفتي