Book Name:Farooq e Azam ki Aajazi

گهر تشريف وٺي ويا، اُتي وڃي خبر پئي ته ان جو ڪکن ڪانن جو ٺهيل گهر ۽ بدبودار علائقي ۾ هو، پر پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن اُن جي دلجوئي جي لاءِ ان وٽ ماني کاڌي ۽ پنهنجي ڪنهن عمل سان ان غريب کي محسوس ٿيڻ نه ڏنو جو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڌپ محسوس ڪري رهيا آهن، باوجود ان جي جو عام حالتن ۾ معمولي ڌپ به سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي لاءِ ناپسنديده هوندي هئي۔  

                                                       (حيات محدّث اعظم،ص۱۸۴)

(9) ڪپڙن ۾ سادگي اختيار ڪريو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڪپڙن ۾ سادگي اختيار ڪرڻ سان طبعيت ۾ عاجزي پيدا ٿيندي آهي، جڏهن ته عُمده لباس پائڻ سان تڪبُّر ۽ رِياڪاري پيدا ٿيڻ جو انديشو آهي۔ دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب، ”بهارِ شريعت“ حصو 16 صفحي 52 تي صدرُالشَّريعه، بدرُالطَّريقه حضرت علامه مولانا مفتي محمد امجد علي اعظمي لکن ٿا: ايترو لباس جنهن سان اوگھڙ ڍڪجي ۽ گرمي سردي جي تڪليف کان بچي فرض آهي ۽ ان کان وڌيڪ جنهن سان مقصد زينت هجي ۽ اهو جو جڏهن ته الله (عَزَّوَجَلَّ) ڏنو آهي ته ان جي نعمت جو اظهار ڪيو وڃي، اهو مستحب آهي۔ خاص موقعي تي مثلاً جُمعي يا عيد جي ڏينهن بهترين ڪپڙا پائڻ مُباح (جائز) آهن۔ ان قِسم جا ڪپڙا روز نه پائي ڇاڪاڻ ته ٿي سگهي ٿو ته آڪڙ اچڻ لڳي ۽ غريبن کي جِن وٽ اهڙا ڪپڙا ناهن حقارت ڀري نگاھ سان ڏسي، تنهنڪري ان کان بچڻ ئي گهرجي ۽ تڪبر جي طور تي جيڪو لباس هجي اهو منع ٿيل آهي، تڪبر آهي يا نه ان جي سُڃاڻپ ائين ڪري جو انهن ڪپڙن کي پائڻ کان پهرين پنهنجي جيڪا حالت هئي جيڪڏهن پائڻ کان پوءِ به اُها ئي حالت آهي ته خبر پئي ته انهن ڪپڙن سان تڪبر پيدا نه ٿيو، جيڪڏهن اها حالت هاڻي باقي نه رهي ته تڪبر اچي ويو، تنهنڪري اهڙي ڪپڙي کان بچي  جو تڪبر ڏاڍي خراب صفت آهي۔

(ردالمحتار، ڪتاب الحظر و الإباحة، فصل في اللبس، ج۹، ص۵۷۹)