Book Name:Farooq e Azam ki Aajazi

پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي بهترين وصفن کي بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ عمل به ڪندا رهندا۔  اِنْ شَآءَ الله عَزَّ وَجَلَّ

اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اِداري مڪتبة المدينه سَيدُنا فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي سيرتِ مُبارڪه جي حوالي سان ٻن (2) جلدن تي مُشتمل ڪتاب ”فيضانِ فاروقِ اعظم“ شايع ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪئي آهي۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰهعَزَّوَجَلَّ هن ڪتاب ۾ اسلامي قانون جي مُطابق زندگي گذارڻ جي باري ۾ اهم معلومات کي آسان انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي۔ ان ڪتاب ۾ عدل ۽ انصاف ڪرڻ ۽ عام ماڻهن جا حق ادا ڪرڻ جا طريقا به موجود آهن، تنهنڪري اڄ ئي هن ڪتاب کي مڪتبة المدينه جي بستي تان ھَديَةً طلب فرمايو، پاڻ به ان جو مُطالعو ڪيو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو۔ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان هن ڪتاب کي رِيڊ (يعني پڙھي) به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ (Download) ۽ پرنٽ آؤٽ (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو۔

دعوتِ اسلامی کی قیُّوم

اِک اِک   گھرمیں مچ جائے دُھوم

اس پہ فِدا ہو بچہ بچہ

یا اللہ!مِری جھولی بھر دے۔

(وسائل ِ بخشش مُرمّم، ص۱۲۳)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                                          صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان اميرالمومنين سَيدُنا فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي عاجزي واري پاڪيزه صفت جي باري ۾ ٻڌو ۽ ضمناً تڪبُّر جهڙي باطني بيماري جو به ذڪر آيو۔ ياد رکو! تڪبُّر اهڙي خطرناڪ باطني بيماري آهي جو جيڪڏهن هڪدم ان جو علاج نه ڪيو وڃي ته وڌندي وڌندي ان سان ٻيون ڪيئي بيماريون پيدا ٿينديون آهن۔ ان ڪري جھڙي طرح اسان جسماني بيمارين جو ٻڌي نه صرف پريشان ٿي ويندا آهيون بلڪ ان جو علاج به شروع ڪندا