Book Name:Farooq e Azam ki Aajazi

وات ڦاڙي ان تي حملو ڪرڻ وارا آهن۔ اهو خوفناڪ منظر ڏسي اهو خوف ۽ دَهشَت سبب رڙيون ڪرڻ لڳو، جنهن سبب اَمِيرُالمؤمنين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ بيدار ٿي ويا ۽ مُلاحظه فرمايو ته عجمي شخص کليل تلوار هٿ ۾ کڻي گهڻو ڏڪي رهيو آهي۔ پاڻ ان جي رڙين ۽ دَهشَت جو سبب معلوم ڪيو ته ان سَچ سَچ سمورو واقِعو بيان ڪري ڇڏيو پوءِ ان بلندآواز سان ڪلمو پڙھي اِسلام قبول ڪري ورتو ۽ اَمِيرُالمؤمنين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ان سان نهايت ئي شَفقَت ڀريو ورتاؤ ڪري ان جي قُصُور کي مُعاف ڪري ڇڏيو۔  (اِزالة الخِفاء،فصل رابع، ۴/۱۰۹)

خدا کے فضل سے میں ہوں گدا فاروقِ اعظم کا

خدا ان  کا  محمد   مصطفے  فاروقِ     اعظم   کا

                                          (وسائل بخشش،ص۵۲۶)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                                صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن حڪايت مان مَعلُوم ٿيو ته الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجي خاص ٻانهن جي خُود حِفاظت فرمائيندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن جي لاءِ غيب مان اهڙو سامان فَراهم ڪندو آهي جو ڪنهن جي وَهم ۽گُمان ۾ به ناهي هوندو ۽ ان واقعي مان حضرت سَيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي عاجزي ۽ نِوڙَت واري پياري صفت به معلوم ٿي، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ اميرُالمُومنين ۽ وقت جا بادشاھ هئا، جيڪڏهن چاهِن ها ته عالي شان محل بنائن ها، ان کي هر طرح جي آسائشن ۽ سهولتن سان سينگارين ها ۽ ان ۾ نهايت آرام ده بستر به لڳائي سگھيا ٿئي، پر پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ عاجزي ۽ انڪساري اپنائيندي زمين تي ئي آرام ڪندا هئا۔ ٿورو غور ڪيو! هڪ پاسي ته مسلمانن جو ٻيو خليفو فارُوقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ آهي جيڪي سمورين سهولتن کي ٺڪرائي عاجزي جو پيڪر بڻجي رهيا ۽ ٻي پاسي اسان آهيون جو دولت ۽ دُنيوي مرتبي ۽