Book Name:Farooq e Azam ki Aajazi

سگهي، اهڙو شخص عاجزيءَ تي به قادر ناهي هوندو، جيڪا تقويٰ ۽ پرهيزگاري جي جڙ آهي، ڪينو (يعني دل ۾ لڪيل دُشمني) به نٿو ڇڏي سگهي، پنهنجي عزت بچائڻ جي لاءِ ڪوڙ ڳالهائيندو آهي، ان ڪوڙي عزت جي ڪري غصو نٿو ڇڏي سگهي، حسد کان نٿو بچي سگهي، ڪنهن جي خير خواهي نٿو ڪري سگهي، ٻين جي نصيحت قبول ڪرڻ کان محروم رهي ٿو، ماڻهن جي غيبت ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي مطلب ته متڪبر ماڻهو پنهنجو ڀرم رکڻ جي لاءِ هر برائي ڪرڻ تي مجبور ۽ هر سٺي ڪم ڪرڻ کان لاچار ٿي ويندو آهي۔“ (احياء العلوم، ج۳ ،ص ۴۲۳) وڌيڪ فرمائن ٿا: تڪبُّر جو اظهار ڪڏهن ته انسان جي عادتن ۽ طور طريقن سان ٿيندو آهي جيئن ناراض ٿيڻ، بيزار ٿيڻ، گهورڻ  مٿي کي هڪ طرف جهڪائڻ، ٽنگ تي ٽنگ رکي ويهڻ، ٽيڪ لڳائي کائڻ، آڪڙجي هلڻ وغيره ۽ ڪڏهن ڳالهائڻ سان مثلاً هي چوڻ: ”(تون منهنجي سامهون ڪجھ به نه آهين) تنهنجي اها هِمّت جو مون کي جواب ٿو ڏئين“وغيره وغيره ۔ مطلب ته مختلف حالن، ڳالهين ۽ ڪمن جي ذريعي تڪبّر جو اظهار ٿي سگهي ٿو۔ وري ڪِن مغرورن ۾ اظهار جا سڀ انداز ڏٺا ويندا آهن ۽ ڪِن مُتَڪَبِّرن ۾ ڪجهه۔ پر ياد رهي ته اهي سڀ ڳالهيون اُن وقت تڪبر جي دائري ۾ اينديون، جڏهن ته دل ۾ تڪبر موجود هجي، فقط انهن شين کي تڪبر نٿو چئي سگهجي۔   (ماخوذ از احياء العلوم ،ج۳، ص۴۳۴)

فخر و غُرور سے تُو مولیٰ مجھے بچانا

یا ربّ! مجھے بنا دے پیکر تُو عاجزی کا

                             (وسائل بخشش مُرمّم،ص178)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                                صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! تڪبُّر جي ئي سبب شيطان ذليل ۽ رُسوا ٿي