Book Name:Tauba karnay walon kay liay inamaat

ڪري، ڇوته نيڪيون گُناهن کي مٽائي ڇڏينديون آهن ۽ جيڪڏهن ٻانهن جا حق ضايع ڪيا هجن ته ان جون ٽي (3) صُورتون آهن۔

(1) انهن حقن جو تَعلُّق صرف قرض سان گڏ آهي، جئين خريد ڪيل شيءِ جي قيمت، مَزدُور جي اُجرت يا زال جو مهر وغيره۔ هن صُورت ۾ توبه جو طريقو هي آهي ته ان حقن کي اَدا ڪري يا صاحب ِحق کان مُعافي گُھري۔

(2) ان حقن جو تَعلُّق صرف ظُلم سان گڏ آهي، جئين ڪنهن کي ماريو، گار ڏني يا غيبت ڪئي ۽ ان جي خبر ان تائين پهچي وئي۔ هن صُورت ۾ توبه جو طريقو هي آهي ته صرف صاحب ِحق کان مُعافي گھري۔

(3) اُن جو تَعلُّق قرض ۽ ظُلم ٻنهي سان آهي، جيئن ڪنهن جو مال چورايو، ڦُريو، لوٽيو، ڪنهن کان رِشوت ورتي، وياج ورتو يا جوا ۾ مال کٽيو وغيره۔ هن صورت ۾ توبه جو طريقو هي آهي ته اهي حق ادا به ڪري ۽ صاحب ِحق کان معافي به حاصل ڪري۔ جيڪڏهن توبه جا شرط موجود هئا ته توبه ضرور قبول ٿيندي، ڇوته اهو رب تعاليٰ جو وعدو آهي ۽ پنهنجي وعدي جي خلاف ڪرڻ، الله تعاليٰ جي شانِ ڪريمي جي لائق ناهي۔ (صراط الجنان،ج۴،ص۲۳۰)

گر تُو ناراض ہوا میری ہلاکت ہو گی

ہائے! میں نارِ جہنّم میں جلوں گا یا ربّ

عَفْو کراور سَدا کے لئے راضی ہوجا

گر کرم کردے تو جنَّت میں رہوں گا یارَبّ

(وسائل بخشش،ص۸۵)