Book Name:Tauba karnay walon kay liay inamaat

توبه تي اِستقامت ڪيئن حاصل ڪجي؟

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن ڳالھ ۾ ڪو شڪ ناهي ته عبادت جي ادائيگي ۽ گُناهن کان بچڻ تي اِستِقامَت اختيار ڪرڻ، عام طور دُشوار محسوس ٿيندو آهي۔ پر اها دُشواري ان وقت تائين محسوس ٿيندي آهي، جيستائين اسان جي سامهون ڪو شخص انهن کي اِسْتِقامت سان اپنايو نه هجي، تنهنڪري جيڪڏهن اسان تبليغِ قرآن و سُنَّت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃون، ته اسان کي گھڻا عاشقانِ رسول اهڙا به نظر ايندا جيڪي مدني انعامات جا عامل هوندا، مدني قافلن جا مسافر هوندا، مدني مذاڪرن جا شوقين هوندا ۽ اجتماعي طور تي عبادتن تي اِسْتقامت حاصل ڪندڙ هوندا، انهن عاشقانِ رسول جي صحبت جي برڪت سان اسان به گُناهن کان بچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا سين۔ اِنْ شَآءَاللهعَزَّ وَجَلَّ

بيان جو خُلاصو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان ٻڌو ته سچّي توبه هي آهي جو ٻانهو گناھ ڇڏي ڏئي، جڏهن ٻانهو پنهنجي ربّ عَزَّوَجَلَّ  جي بارگاھ ۾ سچّي توبه ڪندو آهي ته الله عَزَّوَجَلَّ ان جو هر نيڪ عمل قبول ڪندو آهي، الله  عَزَّوَجَلَّ ان جو هر گناھ معاف فرمائيندو آهي، الله  عَزَّوَجَلَّ جڏهن ٻانهي جي توبه قبول ڪندو آهي ته ان جي هر گناھ جي بدلي ۾ جنّت ۾ ان جا درجا بُلند ڪندو آهي، الله  عَزَّوَجَلَّ َّ سچّي توبه ڪرڻ واري جي هر نيڪي جي بدلي جنّتي محل عطا ڪندو آهي ۽ جنّتي حُورن مان هڪ حُور سان ان جو نڪاح ڪندو آهي۔

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن توبه ڪرڻ وارو ٻيهر پنهنجي پاڻ