Book Name:Tauba karnay walon kay liay inamaat

بڑی کوششیں کیں گنہ چھوڑنے کی

رہے آہ ناکام ہَم یاالٰہی

مجھے سچی توبہ کی توفیق دیدے

پئے تاجدارِ حَرَم یاالٰہی

 (وسائل بخشش مُرمّم،ص۱۱۰)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو توبه ڪرڻ نهايت ئي بهترين ۽ پسنديده ڪم آهي، اهڙي طرح هڪ ٻي هنڌ تي الله  عَزَّوَجَلَّ قرآنِ ڪريم ۾ توبه جي ترغيب ڏياري ۽ هن جي فضيلت بيان ڪئي آهي، جيئن اِرشاد ٿئي ٿو:

يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا تُوبُوا إِلَى اللَّهِ
تَوْبَ
ةً نَصُوحًا  (پ۲۸،التحريم:۸)

ترجمو ڪنزالايمان: ڇا اي ايمان وارؤ! الله جي طرف اهڙي توبه ڪيو جو اڳتي جي لاءِ نصيحت ٿي وڃي۔

      هن آيتِ مُبارَڪه ۾بيان ٿيل لفظ ”نَصُوۡح“ جي معنيٰ الله عَزَّوَجَلَّ جي لاءِ اهڙو خالص ٿيڻ آهي جو ڪنهن قسم جي مِلاوَٽ نه هجي۔ ٻيو خليفو، اَمِيرُالْمُومِنِين فارُوقِ اعظم حضرت سَيدُنا عُمر بن خطاب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان جڏهن ’تَوْبَةً نَصُوْحا‘ جي باري ۾ پڇيو ويو ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ اِرشاد فرمايو: هن مان مُراد هي آهي ته ڪو شخص پنهنجي ڪنهن بُري عمل کان اهڙي توبه ڪري جو وري ڪڏهن به ان گُناھ ۾ نه پوي۔ (تفسيردر منثور،ج۸،ص۲۲۷)

اهڙي طر ح حضرت اِبۡنِ عباس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته