Book Name:Tauba karnay walon kay liay inamaat

روشني ڦهلجي وئي۔ ان ڪري مون باقي پساهن کي غنيمت سمجھي، بارگاھ الٰهي مان مغفرت طلب ڪندي پنهنجي گُناهن کان سچي توبه ڪئي ۽ امير اَهلسُنَّت دَامَتْ بَـرکاتهم الْعَالِيه  کان بيعت جو شرف حاصل ڪيو ۽ سُنَّتن ڀري زِندگي گذارڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جو مدني ماحول اِخْتيار ڪري ورتو۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰهعَزَّ وَجَلَّ ڏاڙھي شريف رکي ورتي، سبز سبز عمامو شريف سجائي ورتو ۽ هفتيوار سُنَّتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت منهنجو معمول بڻجي ويو۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

دُعا جي قبول نه ٿيڻ جا 10سبب

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! افسوس! صد افسوس! اسان روز روز حادثن ۽ اوچتي موت جي عبرتناڪ واقِعن مان نصيحت حاصل ڪرڻ بدران، ڏينهن رات الله عَزَّ وَجَلَّ  جي نافرمانين ۾ وڌندا پيا وڃون۔ ياد رکو! جتي توبه ڪرڻ جا گھڻا انعام آهن، اتي گُناهن ۾ مُسْتَغْرَق رهڻ ۽ توبه نه ڪرڻ جون آفتون پڻ آهن۔ حُجَّةُ الْاِسْلام حضرت سيدُنا امام ابُو حامِد محمد بن محمد غزالي
رَحْمَة الله تَعَالٰی عَلَيه نقل فرمائن ٿا: ''بيشڪ گُناھ ڪرڻ سان دل ڪاري ٿي ويندي آهي ۽ دل جي ڪاراڻ جي علامت ۽ سڃاڻپ هيءَ آهي ته گُناهن کان گھبراهٽ نه ٿيندي، اِطاعت جي سعادت نه ملندي ۽ نصيحت اَثَر ناهي ڪندي۔ اي عزيز! توهان ڪنهن به گُناھ کي مَعمُولي نه سمجھو۔'' (مِنْهاجُ العَابِدِين، الباب الثاني، العقبةالثانيةوھي عقبةالتوبة، ص٢٤) گُناهن جي ڪثرت جي سبب بيان ڪيل نحوستن کان سواءِ دعا جو قَبول نه ٿيڻ به تمام وڏي نحوست آهي۔ جيئن حضرت سيدُنا اِبراهيم بن اَدهم رَحْمَة الله تَعَالٰی عَلَيه هڪ ڏينهن بازار مان گُذري رهيا هئا ته ماڻهن ڏٺو ته عقيدت ۾ اوهان جي چوڌاري گڏ ٿي ويا ۽