Book Name:Tauba karnay walon kay liay inamaat

مدني مذاڪرن جون اڃا تائين 12 قسطون شائع ٿي چڪيون آهن۔

هر هفتي مدني مذاڪري ۾ پابندي سان شرڪت جي برڪت سان
اِنْ شَآءَاللهعَزَّ وَجَلَّ ان جون خُوب خُوب برڪتون حاصل ٿينديون۔ اَلْحَمْدُلِلّٰهعَزَّ وَجَلَّ ڪيئي اسلامي ڀائر مدني مُذاڪري جي برڪت سان پنهنجي گُناهن ڀري زِندگي کان توبه ڪري چڪا آهن، اچو! ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا،  جيئن ته

ماڊرن نوجوان جي توبه

منڊي بهاءُالدين (صُوبه پنجاب، پاڪستان) جي مُقيم هڪ اسلامي ڀاء جي بيان جو خُلاصو آهي ته دعوتِ اسلامي جو مدني رنگ چڙهڻ کان پهريان فيشن جي هلاڪت خيز وادِين ۾ ڀٽڪي رهيو هئس۔ عجيب و غريب ڪِٽ شِٽ وارا ڪپڙا پائڻ کي زندگي جو مقصد سمجھي رکيو هو، هر وَقت دل و دِماغ تي فيشن جو ڀوت سوار رهندو هو۔ مطلب ته مان يادِ الٰهي کان بلڪل غافل، دُنيا جي رنگينين ۾ گم، زِندگي جا قيمتي لمحا برباد ڪري رهيو هئس۔ رَمضانُ المبارڪ جي رحمتن ڀرين گھڙين ۾ مون تي ڪرم ٿي ويو۔ منهنجي مُلاقات هڪ مُبلّغِ دعوتِ اسلامي سان ٿي، جنهن روزن جون حقيقي برڪتون ماڻڻ جي لاءِ آخري عشري جي اجتماعي اعتڪاف جي ڀرپُور ترغيب ڏياري۔ الله عَزَّوَجَلَّ جي فضل وڪرم سان اِعتڪاف جي سعادت ملي وئي، جتي پُرسوز بيان سحر ۽ اِفطار جا رُوحاني مَنظر گھڻا وڻيا، ڪرم وڏو ڪرم اهو جو اميرِاهلسُنَّت دَامَتْ بَـرکاتهم الْعَالِيه  جي علمي’’مدني مُذاڪرن‘‘ ۽ رِقّت انگيز دُعائن دِل تان گُناهن جو ميلُ صاف ڪري ڇڏيو۔ منهنجي گُناهن سان تاريڪ زِندگي ۾ عِشقِ مُصطفي جي