Book Name:Tauba karnay walon kay liay inamaat

اِمام ابُو حامد محمد بن محمدغَزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڪيتري قدر نصيحت آموز واقِعو نقل ڪيو آهي ته جڏهن حضرتِ حَسن بصري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه
 بيان ڪري رهيا هئا ته حضرت سيدُنا عُتبَة الغُلام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تي ان بيان جو ڪيترو اثر ٿيو جو پاڻ بي هوش ٿي ويا ۽ آخرڪار انهيءَ مجلس ۾ اهڙي توبه ڪئي جو ان جو اِنعام اوهان کي دُنيا ۾ به نصيب ٿيو۔ ان ڪري اسان کي به گھرجي ته اسان به پنهنجي گُناهن کان سچي توبه ڪيون، ڇوته زِندگي جو ڪو ڀروسو ناهي، روزانو اٿندڙ جَنازا ۽ روزانو ٿيڻ وارا عبرت ناڪ واقعا اسان کي خبردار ڪندا ۽ جھنجھوڙيندي موت کان پهريان حياتي کي غنيمت سمجھڻ جي صَدا ڏئي رهيا آهن، پر هن تي اهو ئي ڪن ڏيندو آهي، جنهن کي آخِرت جي بهتري جي ڳڻتي هوندي آهي. روز روز موت جو شڪار ٿيڻ وارن ۾ جَوان، پوڙها ۽ ٻار به هوندا آهن، موت ڪنهن جي عمر يا مرتبي کي ناهي ڏسندو، ڪنهن نادار ۽ مالدار جو پرواھ ناهي ڪندو، ڪنهن جي مَشغُوليت يا فُرصَت کي خاطِر ۾ ناهي آڻيندو، ساھ پُورا ٿي ويا، ته موت گھڙي کن ۾ قَبر جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهي ۔

موت آئی پہلواں بھی چل دئیے

خُوبصورت نوجَواں بھی چل دیئے

گر جہاں میں سو    برس تُو جی بھی لے

قَبْر میں تنہا قِیامت تک رہے

(وسائلِ بخشش مرمم،ص711)

12مدني ڪمن مان 1مدني ڪم هفتيوار مدني مذاڪرو:

اَلْحَمْدُ لِلّٰهعَزَّ وَجَلَّ تبليغِ قرآن وسُنَّت جي عالمگير غير سِياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي جو مُشڪبار مدني ماحول سٺي صُحبت فراهم ڪندو آهي، ان جي برڪت سان لکين ماڻهو گُناهن ڀري زِندگي کان توبه ڪري نيڪين ڀري زِندگي گُذاري رهيا آهن۔ ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن مان هفتيوار