Book Name:Tauba karnay walon kay liay inamaat

جيڪڏهن اسان جو رَبّ عَزَّوَجَلَّ اسان کان ناراض ٿي ويو ۽ ان اسان کان رحمت ڀري نگاھ کڻي ورتي ته اسان جو ڇا ٿيندو؟ تنهنڪري اڃا به وقت آهي پنهنجو پاڻ کي سنڀالي وٺون، جلد کان جلد گُناهن کان توبه ڪرڻ گھرجي ۽ دُنيا جي عارضي لذّتن جي خاطر آخرت جي دائمي تڪليفن ۽ مشقتن کي دعوت ڏيڻ بدران، پڪي سچي توبه ڪري الله عَزَّ وَجَلَّ جي پاڪ ۽ پسنديده ٻانهن ۾ شامل ٿيڻ گھرجي، اِنْ شَآءَ الله عَزَّ وَجَلَّ ان جي برڪت سان دُنيا ۽ آخرت سنورجي ويندي۔

یاخُدا میری مغفرت فرما

 

باغِ فردوس مَرحَمت فرما

تُو گُناہوں کو کر مُعاف اللہ!

 

میری مقبول مَعذرت فرما

مُصطفےٰ کا وسیلہ توبہ پر

 

تُوعنایت مُداوَمت فرما

(وسائلِ بخشش مُرمّم،ص75)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

توبه جا شرط

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رهي ته توبه جي لاءِ ٽن (3) شرطن جو موجود هئڻ ضروري آهي، جيڪڏهن اهي شرط موجود نه هئا ته ان کي سچي توبه نه چونداسين؛ (۱) ماضي تي ندامت (يعني جيڪي گناھ ٿيا آهن انهن تي شرمساري) (۲) ترڪِ گناھ (يعني گناه کي ڇڏي ڏيڻ) (۳) اهو عزم (پڪو ارادو) ڪرڻ ته آئنده گناھ نه ڪندس۔ (منح الروض الازھر،تعريف التوبة ومراتبھا وامثلة عليھا، ص۴۳۶)

سچّي توبه ڇا کي چئبو آهي؟

اعليٰ حضرت ،امامِ اهلسُنَّت امام احمد رضا خان رَحْمَة الله تَعَالٰی عَلَيه فرمائن ٿا: سچّي توبه جي هي معنيٰ آهي ته گُناھن تي ان ڪري جو اها ان