Book Name:Tauba karnay walon kay liay inamaat

ڏني وڃي، سچّي توبه تي اِستقامت حاصل ڪرڻ جو هڪ مدني نُسخو هي به آهي ته مدني انعامات تي عمل ڪري روزانو فڪرِ مدينه ڪيو وڃي، سچّي توبه تي اِستقامت حاصل ڪرڻ جو هڪ مدني نُسخو هي به آهي ته مدرسة المدينه بالغان ۾ شرڪت ڪئي وڃي، سچّي توبه تي اِستقامت حاصل ڪرڻ جو هڪ زبردست مدني نُسخو هي به آهي ته ڪنهن جامع شرائط پِير جي بيعت ڪئي وڃي۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو ! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

سینہ تری سُنَّت کا مدینہ بنے آقا

جنَّت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

عِمامي شريف جون سُنّتون۽ آداب

اچو!شيخِ طريقت،اميرِاَهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتهم الْعَالِيه جي رسالي ’’163 مَدَني گل‘‘مان عمامو شريف ٻڌڻ جون سُنّتون ۽ آداب ٻڌون ٿا۔

پهريان ٻه (2) فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  مُلاحَظه ٿين:” عمامي



[1] مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵