Book Name:Tauba karnay walon kay liay inamaat

اَلۡـحَـمۡـدُ   لِـلّٰـہِ  رَبِّ  الۡـعٰـلَـمِیۡنَ   وَ  الـصَّـلٰـوۃُ   وَ  الـسَّـلَامُ  عَـلٰی   سَـیِّـدِ   الۡـمُـرۡ  سَـلِـیۡنَ

اَمَّـا  بَــعۡـدُ   فَـاَعُـوۡذُ   بِـا لـلّٰـہِ   مِـنَ   الـشَّـیۡـطٰنِ   الـرَّجِیۡمِؕ    بِـسۡمِ   الـلّٰـہِ   الـرَّحۡـمٰنِ   الـرَّحِـیۡمِؕ

توبه ڪرڻ وارن جي لاءِ انعام

وَعَلٰى اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا حَبِيۡبَ اللّٰه

 

اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا رَسُوۡلَ اللّٰه

وَعَلٰى اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا نُوۡرَ اللّٰه

اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا نَبِيَّ اللّٰه

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ

(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

     جڏهن به مسجد ۾ داخل ٿيو، ياد اچڻ تي نفلي اعتڪاف جي نيّت ڪري وٺندا ڪريو، جيستائين مسجد ۾ رهندؤ نفلي اعتڪاف جو ثواب حاصل ٿيندو رهندو ۽ ضمنًا مسجد ۾ کائڻ پيئڻ به جائز ٿي ويندو۔

دُرودِ پاڪ جي فضيلت

حضرت سَيدُنا ابُودرداء رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته نُور جي پيڪر، سڀني نبين جي سَروَر صَلَّی الله تَعَالٰی عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو؛ ''جمعي جي ڏينهن مون تي دُرُود شريف جي ڪثرت ڪيو، ڇوته هي يومِ مَشهود آهي، هن ۾ ملائڪ حاضِر ٿيندا آهن ۽ توهان مان جيڪو به مون تي دُرُودِ پاڪ پڙهندو آهي، ته ان جي فارِغ ٿيڻ کان پهريان ان جو دُرُود مون وٽ پهچايو ويندو آهي۔'' مون عرض ڪيو؛ ۽ اوهان جي وِصال کان پوءِ؟ ''فرمايائون؛ ''الله
 عَزَّ وَجَلَّ زمين تي حرام ڪيو آهي ته اها اَنبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلَام جي جسمن کي کائي۔'' (سنن ابن ماجه، ڪتا ب الجنائز ، باب ذڪر وفاته ودفنه ،رقم ۱۶۳۷، ج۲، ص ۲۹۱)

بچیں بے کار باتوں سے پڑھیں اے کاش کثرت سے

ترے محبوب پر ہر دَم دُرُودِ پاک ہم مولیٰ

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون