Book Name:Tauba karnay walon kay liay inamaat

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! الله تعاليٰ جي (ٻانهي تي اها) عظيم رحمت آهي جو گُناھ جي بعد توبه ڪرڻ تي مُعاف فرمائي ڇڏيندو آهي ۽ موت جي وَقت تائين توبه قبول ڪندو آهي۔ هتي فرمايو ويو ته جيڪو گُناھ ڪري ٿوري دير ۾ توبه ڪن ته هتي ٿوري دير مان مُراد هڪ ادھ ڪلاڪ يا ٻه (2) چار (4) سال نه آهن بلڪ موت کان پهريان جڏهن به توبه ڪئي اها قريب ئي شمار ٿيندي۔ ها جڏهن موت جو وقت اوچتو اچي وڃي ۽ غيب جو مُعاملو ظاهر ٿي وڃي ته ان وَقت توبه مقبول نه ٿيندي۔ ۽ پڻ اِسلام ۾ توبه جو قانون بنائڻ عين حڪمت ۽ علم تي مشتمل آهي۔ جن دِينَن ۾ توبه ناهي، ان جي مڃڻ وارا گُناھ تي وڌيڪ دلير هوندا آهن ڇوته مايوسي جُرم تي دلير ڪري ڇڏيندي آهي ۽ مُعافي جي اُميد توبه تي اُڀاريندي آهي۔ (صراط الجنان،ج۲،ص۱۶۳)

توبه جو انعام:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان جي پياري آقا، حبيبِ ڪبريا، محمدِ مُصطفيٰ صَلَّی الله تَعَالٰی عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به توبه جون گھڻيون فضيلتون ۽ هن تي ملڻ وارا اِنعام بيان فرمايا آهن۔ جيئن پاڻ سڳورن صَلَّی الله تَعَالٰی عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عاليشان آهي:'' جڏهن ٻانهو گُناھ ڪندو آهي، وري الله عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ توبه ڪندو آهي ۽ ان تي قائم رهندو آهي ته الله عَزَّوَجَلَّ ان جو هر نيڪ عمل قَبول ڪندو آهي ۽ ان کان ٿيڻ وارو هر گُناھ بخشي ڇڏيندو آهي ۽ (مُعاف ٿيڻ واري) هر گُناھ جي بدلي جنَّت ۾ ان جو هڪ دَرَجو بُلند ڪندو آهي ۽ الله عَزَّوَجَلَّ ان جي هر نيڪي جي بدلي ۾ ان کي جنَّت ۾ هڪ محل عطا ڪندو آهي ۽ حُورن مان هڪ حُور سان ان جو نِڪاح ڪندو آهي۔'

(بحر الدموع ،ص ۲۱)

اهڙي طرح پاڻ ڪريم صَلَّی الله تَعَالٰی عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائن ٿا:"جيڪو هن ڳالھ