Book Name:Tauba karnay walon kay liay inamaat

صَلوٰة التَّوبه جي عادت بڻايو:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حضرت سيدُنا ابراهيم بن اَدْهم رَحْمَة الله تَعَالٰی عَلَيه دُعا جي قَبول نه ٿيڻ جا 10 سبب بيان فرمايا آهن، اسان غور ڪيون ته شايد ئي ڪو سبب اهڙو هجي جيڪو اسان ۾ نه موجود هجي۔ تنهنڪري جيڪڏهن اسان به چاهيون ٿا ته الله  عَزَّ وَجَلَّ اسان سان راضي ٿئي ۽ اسان جي دُعائن کي قَبول فرمائي ته ان جي لاءِ اسان کي سچي دل سان توبه ڪرڻي پوندي۔توبه ڪرڻ جو هڪ طريقو اهو به آهي ته حتي الامڪان اڪيلائي ۾ صَلٰوةالتَّوبه پڙھڻ واري مدني انعام تي عمل ڪندڙ عاشقانِ رسول جي صحبت اِختيار ڪري ٻه (2) رڪعت صَلٰوةالتَّوبه پڙھڻ جو معمول بڻايون، صَلٰوةالتَّوبه وارو مدني انعام ڇا آهي، اچو! اسان به ٻڌون ٿا، جيئن اميرِ اهلسنّت دامت برکاتهم العاليه اسلامي ڀائرن جي 72 مدني انعامات مان مدني انعام نمبر 16 ۾ فرمائن ٿا: " ڇا اڄ توهان گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو (بهتر هي آهي ته سمهڻ کان اڳ) صلوٰة التوبه پڙهي ڪري سڄي ڏينهن جي بلڪ پوئين تمام گناهن کان توبه ڪري ورتي؟ ۽ خدانخواسته گناهه ٿيڻ جي صورت ۾ فوراً توبه ڪري آئنده اهي گناهه نه ڪرڻ جو عهد ڪيو؟

 اي ڪاش! هن مدني انعام تي عمل سان گڏوگڏ ٻين پيارن مدني انعامن تي روزانو عمل ۽ فِڪرِ مدينه جي سعادتِ عظميٰ به نصيب ٿيندي رهي۔

صَلٰوةالتَّوبه پڙهڻ کان پوءِ الله عَزَّ وَجَلَّ جي نافرمانين ۽ رَبّ تعاليٰ جا اِحسان، پنهنجي ڪمزوري ۽ جهنَّم جي عذابن کي ياد ڪري لڙڪ وهايو، جيڪڏهن روئڻ نه اچي ته روئڻ وارن جھڙي صُورت ئي بڻايو۔ان کان پوءِ توبه جي شرطن کي سامهون رکي رَبّ تعاليٰ جي بارگاھ ۾ مُعافي طلب