Book Name:Tauba karnay walon kay liay inamaat

اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ    تَبليغِ قرآن وسُنَّت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي جتي مُختلف شُعْبن ۾ دين جي خدْمت جو مدني ڪم سراَنْجام ڏئي رهي آهي، اتي رانديگرن جي اِصْلاح ۽ تَربِيت جي لاءِ به هڪ شُعبو ”مجلس اِصْلاح براءِ کھلاڑيان “ جي نالي سان قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جو بُنيادي مَقْصد راندين سان لاڳاپيل ماڻهن ۾ دعوتِ اسلامي جي مدني پيغام کي عام ڪرڻ ۽ انهن کي دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ڪندي، هن مَدَني مقصد ’’مون کي پنهنجي ۽سڄي دُنيا جي ماڻهن جي اِصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي۔ اِنْ شَآءَالله عَزَّوَجَلَّ  جي مُطابِق زِنْدگي گُذارڻ جو مدني ذِهن ڏيڻ آهي۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه  عَزَّ وَجَلَّ هن شعبي جي ذِمه داران جي اجتماعي ۽ اِنفرادي ڪوشش سان رانديگر به مدني انعامات جا عامل، مدني قافلن جا مسافر، هفتيوار سُنّتن ڀري اجتماع ۽ هفتيوار مدني مذاڪري ۾ شرڪت جي سعادت حاصل ڪندا آهن۔

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں

اے دعوتِ اسلامی تیری دھوم مچی ہو

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

توبه کان پوءِ ڇا ڪري؟

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! انسان جڏهن گُناهن کان توبه ڪري وٺي ته هاڻي ان کي کپي ته سڀ کان پهريون هي ڪم ڪري جو ڪنهن نموني گُناهن جي سڃاڻپ حاصِل ڪري، ته جيئن مُستقبِل ۾ ڪنهن قسم جي گُناھ جي ڪرڻ کان بچي سگھي، هن جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي اِشاعَتي اِداري