Book Name:Tauba karnay walon kay liay inamaat

قبول فرمائيندو؟ شيخ فرمايو؛ ڇو نه، الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجي گنهگار ٻانهي جي توبه ۽ معافي قبول فرمائيندو آهي، پوءِ حضرت سيدنا عُتبَةُ الغُلام
 عَلَیهِ رَحْمَةُ اﷲِ السَّلَام ٽي دعائون ڪيون؛

]1[ اي منهنجا الله عَزَّوَجَلَّ! جيڪڏهن تو منهنجي توبه قبول ڪري ورتي ۽ منهنجا گناهه معاف فرمايا آهن ته مون کي اهڙي فَهم (يعني سمجھداري) ۽ ياداشت عنايت ڪر جو دين جا علم ۽ قرآن ڪريم مان جيڪو ٻڌان حِفظ (يعني ياد) ٿي وڃي ]2[ اي الله عَزَّوَجَلَّ! مون کي پُرسوز آواز جي اعزاز سان نواز، جيڪڏهن ڪو پٿر دل به منهنجي قِراءَت ٻڌي ته ان جي دل به نرم ٿي وڃي ]3[ اي الله عَزَّوَجَلَّ! رزق حلال عطا فرماءِ ۽ اتان روزي عطا فرماءِ جنهن جو مون کي گمان به نه هجي، الله تعالـٰي سندن سڀئي دعائون قبول ڪيون، انهن جو حافظو وڌيڪ مضبوط ٿي ويو، جـڏهن اهي قرآن ڪريم جي تلاوت ڪندا هئا ته سندن تلاوت ٻڌي گنهگار تائب ٿي ويندا هئا، سندن گھر ۾ روزانو ٻوڙ جو هڪ پيالو ۽ ٻه مانيون رکيل هونديون هيون ۽ خبر نه پوندي هئي ته ڪير ٿو رکي وڃي، انهيءَ حالت ۾ انهن جو انتقال ٿيو. (مڪاشفة القلوب ص 28، 29 از نيڪي جي دعوت،صفحه۴۰۷)

عزیزا!یاد کر جس دن کہ عِزرائیل آئیں گے

نہ جاوے کوئی تیرے سنگ ، اکیلا تُو نے جانا ہے

جہاں کے شَغْل میں شاغِل، خدا کے ذِکْر سے غافِل

کرے دعوٰی کہ یہ دُنیا مِرا دائِم ٹِھکانا ہے

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

موت نه عُمر ڏسندو، نه مهلت ڏيندو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٿورو غور ڪيو حُجَّة الْاِسلَام حضرتِ سيدُنا