Book Name:Tauba karnay walon kay liay inamaat

کي پسند ڪندو آهي ته ان جو اعمال نامو ان کي خُوش ڪري، ته ان کي گھرجي ته ان ۾ اِستِغفار جو اِضافو ڪري۔'' (مجمع الزوائد ،ڪتاب ، التوبة ، باب الاڪثار من الا ستغفار ،رقم ۱۷۵۷۹، ج۱۰، ص ۳۴۷) هڪ ٻي حديث شريف ۾ آهي؛ اَلتَّائِبُ مِنَ الذَّنْبِ کَمَنْ لَّا ذَنْبَ لَه يعني گُناھ کان توبه ڪرڻ وارو ائين آهي جيئن ان گناھ ڪيو ئي نه۔ (سنن ابن ماجه، ابواب الزھد، باب ذڪر التوبة، الحديث ۴۲۵۰،ج۴، ص۴۹۱)

۽ هڪ حديث شريف ۾ آهي ته جڏهن اِبليس چيو؛ ''اي الله  عَزَّوَجَلَّ!مون کي تنهنجي عزّت جو قسم! مان تنهنجي ٻانهن کي ان وقت تائين ڀٽڪائيندو رهندس جيستائين انهن جا رُوح انهن جي جسم ۾ رهندا۔'' ته الله  عَزَّوَجَلَّ فرمايو؛ ''مون کي پنهنجي عزّت وجَلال جو قسم! جيستائين اهي مون کان بخشش گھرندا رهندا مان انهن کي بخشيندو رهندس۔''

(مسند امام احمد، مسند ابي سعيد الخدري، رقم ۱۱۲۳۷، ج۴، ص ۵۸)

نہ کرنا حشر میں پُرسِش مِری ہو بے سبب بخشش

عطا کر باغِ فردوس از پئے شاہِ اُمم مولیٰ

(وسائل بخشش مُرمّم،ص97)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان ته الله  عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ توبه ڪرڻ جون ڪيتري قدر فَضيلتون ۽ برڪتون آهن، ۽ پڻ گُناهن کان توبه ڪرڻ وارن تي الله عَزَّوَجَلَّ  ڪيتري قدر مهربان آهي ته جيڪو ٻانهو هر هر گناھ ڪرڻ جي باوُجُود توبه ڪري، ته الله عَزَّوَجَلَّ ان جون سموريون خَطائون مُعاف فرمائي ڇڏيندو آهي۔ ۽ توبه ڪرڻ وارو ڪيتري قدر اِنعامن جو مُستَحِق هوندو آهي، ان جو اَندازو هن واقعي مان به لڳائي سگھجي ٿو۔ جيئن ته

توبه ۽ اَبُوالبَشَر عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم