Book Name:Tauba karnay walon kay liay inamaat

يونس عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام اتان کان هليا ويا ۽ صُبح جي وَقت عذاب جا آثار ظاهر ٿيا، آسمان تي ڪاري رنگ جا خوفناڪ بادل آيا، تمام گھڻو دُونهون جمع ٿيو ۽ سڄي شهر تي ڇانئجي ويو۔ اهو ڏسي انهن کي يقين ٿي ويو ته عذاب اچڻ وارو آهي، اُنهن حضرت يونس عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام کي ڳولهيو ته پاڻ کي نه ڏٺائون، هاڻي انهن کي اڃا وڌيڪ انديشو ٿيو ته اهي ماڻهو پنهنجي عورتن، ٻارن ۽ جانورن سان گڏ جهنگ ڏانهن نڪري پيا، ٿُلها ڪپڙا پائي توبه ۽ اسلام جو اظهار ڪيو، مڙس کان گھرواري ۽ ماءُ کان ٻار جُدا ٿي ويا ۽ سڀني بارگاههِ  اِلٰهي ۾ گِريه و زاري شُروع ڪري ڇڏي ۽ عرض ڪرڻ لڳا ته جيڪو دِين حضرت يونس عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام کڻي آيا آهن، اسان ان تي ايمان آڻيون ٿا، پوءِ اُنهن سچي توبه ڪئي ۽ جيڪي ڏوھ انهن کان ٿيا هئا انهن کي پري ڪيو، ٻين جا مال واپس موٽائي ڏنائون، ايستائين جو جيڪڏهن ٻي ڪنهن جو هڪ پٿر به ڪنهن جي بُنياد ۾ لڳي ويو هو ته بُنياد پٽي اهو پٿر واپس موٽائي ڇڏيو۔ الله تَعاليٰ کان اِخلاص سان مغفرت جون دُعائون گھريون ته پروردگارِ عالَم عَزَّ وَجَلَّ  انهن تي رحم ڪيو، دُعا قبول فرمائي ۽ عذاب کنيو ويو۔  (خازن، يونس، تحت الآية: ۹۸، ۲/۳۳۵-۳۳۶)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ڏٺو ته حضرت سَيدُنا يونس عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام جي قوم تي انهن جي گُناهن جي گھڻائي، انهن جي غَفلت ۽ انهن جي سَرڪشي جي سبب عذاب ٿيڻ وارو ئي هو جو انهن جي سچي توبه ڪم اچي وئي ۽ انهن کي سچي توبه جو اِنعام اهو مليو جو انهن تان عذاب کنيو ويو، هن حڪايت ۾ اسان جي لاءِ بي شُمار مدني گل آهن جو طرح طرح جي گُناهن جي سبب، نمازون قَضا ڪرڻ سبب، والدين جي نافرماني، ڪوڙ، غيبت، چغلي هڻڻ ۽ فلمون ڊراما، گانا باجا ٻُڌڻ ۽ ڏسڻ جي سبب،