Book Name:Tauba karnay walon kay liay inamaat

نصيحت سان“ ۽ بخاري شريف (حديث:4361) جي هن فرمانِ مصطفيٰ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: بَلِّغُوۡا عَنِّيۡ وَلَوۡ آيَة يعني ”منهنجي طرفان پهچايو جيتوڻيڪ هڪ ئي آيت هجي“ ۾ ڏنل احڪام جي پيروي ڪندس * نيڪي جو حڪم ڏيندس ۽ بُرائي کان منع ڪندس * شعر پڙهڻ، عربي، انگريزي ۽ ڏکيا لفظ ڳالهائڻ دؤران دل جي اخلاص تي توجُّھ رکندس يعني پنهنجي علميت جو ڌاڪو ويهارڻ مقصود ٿيو ته ڳالهائڻ کان بچندس * مَدَني قافلي، مَدَني انعامات ۽ علاقائي دوره براءِ نيڪي جي دعوت وغيره جي رغبت ڏياريندس * ٽهڪ ڏيڻ ۽ ڏيارڻ کان بچندس * نظر جي حفاظت بڻائڻ جي خاطر حتي الامڪان نگاهون جهڪائي رکندس ۔

سچي توبه عذاب کان بچائي ورتو

دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل تفسير صِراطُ الجنان جلد 4 صفحي 378 تي آهي:

حضرت سَيدُنا يونس عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام جي قوم جا ماڻهو مُوصل جي علائقي نينوٰي ۾ رهندا هئا ۽ ڪُفر ۽ شِرڪ ۾ مبُتلا هئا، الله تعاليٰ حضرت سَيدُنا يونس عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام کي انهن ڏانهن موڪليو، پاڻ انهن کي ايمان آڻڻ جو حڪم ڏنو، انهن ماڻهن اِنڪار ڪيو ۽ حضرت سَيدُنا يونس عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام جي ڳالھ نه مڃي، پاڻ انهن کي الله تعاليٰ جي حڪم سان عذاب نازِل ٿيڻ جي خبر ڏني، انهن ماڻهن پاڻ ۾ چيو ته حضرت سَيدُنا يونس عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام ڪڏهن به ڪا ڳالھ غلط ناهي ڪئي، ڏسو جيڪڏهن اهي رات جو هتي رهن ته پوءِ ڪو انديشو ناهي، ۽ جيڪڏهن انهن رات هتي نه گذاري ته سمجھڻ گھرجي ته عذاب ايندو۔ جڏهن رات ٿي ته حضرت