Book Name:Tauba karnay walon kay liay inamaat

جيڪي سچي توبه ڪندا آهن ۽ انهن کي اِنعامن ۽ اِڪرامن سان به نوازيندو آهي ۽ اهو به معلوم ٿيو ته توبه ڪرڻ وارو الله عَزَّوَجَلَّ جو ايتري قَدر مُقرَّب ۽ پسنديده ٻانهو بڻجي ويندو آهي جو ان جون دُعائون به قَبول ٿيڻ لڳنديون آهن، پر افسوس! ايتري قدر اِنْعامن ۽ نوازشن جي باوُجُود اسان پنهنجي رَبّ عَزَّوَجَلَّ جي نافرمانين ۾ مشغول آهيون ۽ توبه ۾ بهانا ڪندا رهندا آهيون۔ زِندگيءَ کي غنيمت سمجھندي جلد کان جلد سچي توبه ڪرڻ گھرجي۔ اسان جي بُزرگانِ دِين جو هي عالَم هو جو جڏهن انهن کي ڪو نصيحت جي ڳالھ ٻڌائيندو ۽ توبه جي ترغيب ڏياريندو ته انهن تي خوفِ خدا طاري ٿي ويندو هو ۽ پوءِ اهي نيڪ حضرات اهڙي پڪي توبه ڪندا هئا جو مرڻ گھڙيءَ تائين ان تي قائم رهندا هئا، جيئن ته

شرابي نوجوان ولايت جي منزل تي

شيخِ طريقت،امِيرِ اَهلسُنَّت دَامَتْ بَـرَ کاتُهم الْعَالِيه پنهنجي ڪتاب نيڪي جي دعوت ۾ نقل فرمائن ٿا: حضرت سيدنا عُتبةُ الغُلام عَلَیهِ رَحْمَةُ اﷲِ السَّلام نوجوان هئا ۽ (توبه کان پهريان) فِسق ۽ فجور ۽ شراب نوشي ۾ مشهور هئا، هڪ ڏينهن حضرت سيدنا حسن بصري  عَلَیهِ رَحْمَةُ اﷲِ الۡقَوِی جي مجلس ۾ آيا، حضرت سيدنا حسن بصري  عَلَیهِ رَحْمَةُ اﷲِ الۡقَوِی هن آيت شريف جي تفسير بيان ڪري رهيا هئا؛

اَلَمۡ یَاۡنِ لِلَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡۤا اَنۡ تَخۡشَعَ قُلُوۡبُہُمۡ لِذِکۡرِ اللّٰہِ    (پ 27 الحديد 16)

ترجمو ڪنزالايمان: ڇا ايمان وارن جي واسطي اڃا اهو وقت نه آيو جو انهن جون دليون جُهڪي وڃن الله جي ياد (جي لاءِ)

پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ايڏو ته اثرائتو بيان فرمايائون جو ماڻهن تي گريه (يعني روئڻ) طاري ٿي ويو، هڪ نوجوان بيهي چوڻ لڳو؛ يا سيِّدي! ڇا الله