Book Name:Tauba karnay walon kay liay inamaat

      حضرت سيدُنا حَسَن بَصري رَحْمَة الله تَعَالٰی عَلَيۡه کان روايت آهي ته جڏهن الله  
عَزَّوَجَلَّ حضرت سيدُنا آدَم عَلٰي نَبِينَا وَعَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام جي توبه قَبول فرمائي ته ملائڪن اُن کي مُبارَڪ باد ڏني ۽ حضرت سيدُنا جبرائيل ۽ حضرت سَيدُنا ميڪائيل عَلَيۡهِمَا السَّلَام سندن بارگاھ ۾ حاضر ٿي عرض ڪيو: ”اي آدم عَلَيه السَّلَام! الله عَزَّوَجَلَّ جي طرفان توبه قَبول ٿيڻ تي اوهان جو اکيون ٿڌيون ٿين۔“ پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم فرمايو: ”اي جبريل! جيڪڏهن هن توبه کان پوءِ به سوال ٿيو ته منهنجو مقام ڪٿي هوندو؟“ الله عَزَّوَجَلَّ پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم 
ڏانهن وَحي موڪلي ته ”اي آدم! اوهان پنهنجي اَولاد جي لاءِ وِراثت ۾ ٿڪاوٽ، ڏک ۽ توبه کي ڇڏيو آهي جيڪو به مون کي پڪاريندو مان
ان جي پُڪار ٻڌندس، جيئن اوهان جي پُڪار ٻڌي ۽ جيڪو مون کان مغفرت طلَب ڪندو مان ان کي عطا ڪندس، ڇوته مان ويجھو ۽ دُعا قَبول
فرمائڻ وارو آهيان، اي آدم! مان توبه ڪرڻ وارن کي قبرن مان ان
حال ۾ اٿاريندس جو اهي خُوش هوندا ۽ مُرڪندا هوندا ۽ انهن
جي دُعا مقبول ٿيندي۔“
 
(احياءالعلوم،ج۴،ص۷)

مغفرت کا ہوں تجھ سے سُوالی

پھیرنا اپنے در سے نہ خالی

مجھ گنہگار کی اِلتجاء ہے

یا خدا تجھ سے میری دُعا ہے

(وسائل بخشش مُرمّم،ص،136)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان ته توبه ڪرڻ وارو ڪيتري قدر خُوش نَصيب آهي جو الله  عَزَّوَجَلَّ اهڙي شخص کي گهڻو پسند ڪندو آهي،