Book Name:Tauba karnay walon kay liay inamaat

جي رَبّ عَزَّوَجَلَّ جي نافرماني هئي، نادِم ۽ پريشان ٿي هڪدم ڇڏي ڏئي ۽ آئنده ڪڏهن به ان گُناھ جي ويجھو نه وڃڻ جو سچي دِل سان پڪو عَزْم ڪري، جيڪو هن جي تَلافي جو انتظام پنهنجي هٿ ۾ هجي ان کي ادا ڪري۔ (فتاوي رضويه ۲۱/۱۲۱)

هر ڏوهه جي توبه هڪ جهڙي ناهي:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!يادرکو! هر گُناھ جي توبه هڪ جهڙي نه ٿيندي آهي، هن باري ۾ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل تفسير صِراطُ الجنان جلد 4 صفحي 230 تان ڪجھ مدني گل چونڊڻ جي سعادت حاصل ڪيون ٿا: ياد رهي ته هر جُرم جي توبه هڪ جهڙي نه هوندي آهي، پؤ به مُختلف جُرمن جي توبه به مُختلِف آهي جيئن جيڪڏهن الله تَعاليٰ جا حق تَلف ڪيا آهن، مثال طور نمازون قَضا ڪيون، رمضان جا روزا نه رکيا، فرض زڪوٰة اَدا نه ڪئي، حج فرض هئڻ جي باوُجُود نه ڪيو، ته انهن کان توبه هي آهي ته نماز روزن جي قَضا ڪري، زڪوٰة اَدا ڪري، حج ڪري ۽ ندامت و شرمساري سان الله تعاليٰ جي بارگاه ۾ پنهنجي تَقصِير (غلطي) جي مُعافي گھري، اهڙي طرح جيڪڏهن پنهنجي ڪن ،اک، زَبان، پيٽ، هٿ پير، شرمگاھ ۽ ٻين عضون سان اهڙا گُناھ ڪيا هجن جنهن جو تَعلُّق الله تَعاليٰ جي حقن سان هجي، ٻانهن جي حقن سان نه هجي، جيئن غير مَحرم عورت ڏانهن ڏسڻ، جَنابت جي حالت ۾ مسجد ۾ ويهڻ، قرآنِ مجيد کي بي وُضو هٿ لڳائڻ، شراب نوشي ڪرڻ، گانا باجا ٻڌڻ وغيره، انهن سان توبه ائين آهي ته الله تعاليٰ جي بارگاھ ۾ پنهنجي گُناهن جو اِقرار ڪندي، انهن گُناهن تي شرمساري جو اِظهار ڪندي ۽ آئنده اهي گُناھ نه ڪرڻ جو پُختو عزم ڪندي مُعافي طلب ڪري ۽ ان کان پوءِ ڪجھ نه ڪجھ نيڪ عمل