Book Name:Tauba karnay walon kay liay inamaat

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! الله تبارڪ وتعاليٰ جون رحمتون بيحد ۽ بي حساب آهن، ان ڪري سان کي گھرجي ته جڏهن به گُناھ ٿين ته ان جي بارگاھ ۾ هڪدم توبه ڪيون۔ جيڪڏهن بَتَقاضاءِ بَشَرِيت وري گُناھ ڪيون ته وري توبه ڪيون، وري خَطا ٿي وڃي ته وري توبه ڪيون، چاهي لک ڀيرا ڀٽڪي وڃون، پر وري اچي ان جي دامنِ ڪرم سان چنبڙي وڃون ۽ هرگز هرگز مايوس نه ٿيون، ۽ يقيناً جيڪي الله  عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ سچي توبه ڪندا آهن الله عَزَّوَجَلَّ انهن کان گھڻو خُوش ٿيندو آهي ۽ انهن تي پنهنجو خاص فَضل وڪرم به ڪندو آهي۔ قرآنِ ڪريم ۾ مختلف هنڌن تي رَبِّ ڪريم عَزَّوَجَلَّ پنهنجي گُناھ گار ٻانهن کي توبه جي ترغيب ڏياري رهيو آهي، جيئن سيپاري 6 سُوْرَة الْمائِده  جي آيت نمبر 39 ۾ ارشاد آهي:

فَمَنْ تَابَ مِنْ بَعْدِ ظُلْمِهِ وَأَصْلَحَ فَإِنَّ اللَّهَ يَتُوبُ عَلَيْهِ إِنَّ اللَّهَ غَفُورٌ رَحِيمٌ

 

ترجمو ڪنزالايمان: سو جيڪو پنهنجي ظلم کانپوءِ توبه ڪري ۽ پاڻ سُڌرِي وڃي ته الله پنهنجِي مهر (مهرباني) سان رجُوع فرمائِيندو. بيشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي.

دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اِداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل تفسير’’صِراطُ الجِنان‘‘ ۾ هن آيت سڳوري جي تحت لکيل آهي ته توبه نِهايت نَفيس شيء آهي، ڪيترو ئي وڏو گُناھ هجي، جيڪڏهن ان کان توبه ڪئي وڃي ته الله  عَزَّوَجَلَّ پنهنجو حق مُعاف فرمائيندو آهي ۽ توبه ڪرڻ واري کي آخرت جي عذاب مان نَجات ڏئي ڇڏيندو آهي۔ (تفسير ِصراط الجنان،ج ۲ ،ص ۴۳۰)