Book Name:Tauba karnay walon kay liay inamaat

کي گناهن کان بچندو ڏسي، دِل خوشي سان خالي هجي، بُرن ماڻهن کان پري رهي، ٿوري دنيا کي غنيمت سمجھي، آخرت جي عمل کي ٿورو سمجھي۔ جيڪڏهن توبه ڪرڻ وارو هر وقت الله عَزَّوَجَلَّ جي حڪمن جي ادائيگي ڪري، زبان جي حفاظت ڪري، هر وقت شرمندگي محسوس ڪري ته قوي اُميد آهي ته اُن جي توبه قبول ٿي وئي۔

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اهو نادان جيڪي گناهن تي قائم رهندي توبه ڪندا آهن، ڪن کولي ٻڌي وٺن ته اهڙي شخص کي الله تعاليٰ سان مذاق ڪرڻ وارو چيو ويو آهي۔

اي پنهنجي ربِّ ڪريم  عَزَّ وَجَلَّ جي بارگاھ ۾ گناهن تي نادم ۽ شرمسار اسلامي ڀائرو! سچّي توبه کان پوءِ بُري صحبت ڇڏي ڏيو، سٺو ۽ پاڪيزه مدني ماحول اپنايو ته جيئن اسان کي اِستقامت عطا ٿئي۔ سچّي توبه تي اِستقامت حاصل ڪرڻ جو هڪ مدني نُسخو هي به آهي جو مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب ’’توبه کی رِوايات و حڪايات‘‘ جو مطالعو ڪيو وڃي ته جيئن توبه ڪرڻ وارن جي حڪايتن جي برڪت حاصل ٿئي، سچّي توبه تي اِستقامت حاصل ڪرڻ جو هڪ مدني نُسخو هي به آهي ته هفتيوار سُنّتن ڀري اجتماع ۾ وقت جي پابندي سان اوّل تا آخر شرڪت ڪئي وڃي، سچّي توبه تي اِستقامت ماڻڻ جو هڪ مدني نُسخو هي به آهي ته هر مهيني گھٽ ۾ گھٽ 3 ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر ڪيو وڃي، سچّي توبه تي اِستقامت حاصل ڪرڻ جو هڪ مدني نُسخو هي به آهي ته مدني چينل ڏسندا رهو، سچّي توبه تي اِستقامت حاصل ڪرڻ جو هڪ مدني نُسخو هي به آهي ته هفتيوار مدني مذاڪري ۾ اجتماعي يا اِنفرادي طور تي حاضري